اسلام آ??اد-05 نومبر (اي پي پي) وفاقي گهرو وزير محسن نقوي چيو آهي ته سرينا چؤڪ م??صو??و 60 ڏينهن ۽ ايف نائن پارڪ م??صو??و 100 کان 120 ڏينهن ۾ مڪمل ٿيندو، مارگله ايڪسپريس کي موٽر ??ي سان ڳنڍڻ سان ايوان صدر ۽ وزيراعظم هائوس کان موٽر ??ي جو سفر 15 کان 20 منٽن ۾ طئي ٿي سگهندو. فيض آباد پُل کي ڪشادو ڪرڻ، راول ڍنڍ روڊ، مارگلا روڊ کي بهتر ڪرڻ ۽ مجموعي طور تي اسلام آ??اد جي خوبصورتيءَ کي يقيني بنائڻ اسان جي اولين ترجيح آهي. ڏکڻ ايشيا جو سڀ کان ڊگهو جهنڊو اسلام آ??اد ۾ لڳائينداسين. اهڙو اظهار هن ايف نائن م??صو??و، سرينا چؤڪ م??صو??ي جي پيڙهه جو پٿر رکڻ واري تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو. وزيراعظم شهباز شريف ٻنهي م??صو??ن جو باقائده پيڙهه جو پٿر رکيو. وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ، گهرو معاملن بابت قومي اسيمبليءَ جي اسٽينڊنگ ڪميٽيءَ جو چيئرمين خرم نواز، قومي اسيمبلي ميمبر انجم عقيل خان، طارق فضل چوڌري سميت ٻيا اسيمبلي ميمبر ۽ معزز شخصيتون تقريب ۾ موجود هيون. تقريب کي خطاب ڪندي گهرو وزير محسن نقوي چيو ته اسان لاءِ اڄ اهم ڏينهن آهي، سرينا چؤڪ ۽ ايف نائن پارڪ م??صو??ي جو ڪائونٽ ڊائون اڄ شروع ٿي چڪو آهي. سرينا چؤڪ م??صو??و 60 ڏينهن ۾ مڪمل ٿيندو، اهڙي طرح ايف نائن م??صو??و 100 کان 120 ڏينهن دوران مڪمل ٿيندو. هن چيو ته اسلام آ??اد جي خوبصورتيءَ تي سي ڊي اي تمام ڪم ڪيو، اسان ايس سي او تي اسلام آ??اد کي جهڙيءَ طرح خوبصورت بڻايو آهي، هاڻ اسان جي ڪوشش آهي ته ان کي مستقل بنيادن تي برقرار رکون. ايندڙ ڏينهن ۾ اسان جون سموريون شاهراهون اهڙيءَ طرح رات جو به روشن رهنديون. هن چيو ته اسلام آ??اد ۾ فائيو اسٽار هوٽلز جي گهٽتائي آهي ان کي پورو ڪرڻ لاءِ ٻن جاين جي چونڊ ڪئي وئي آهي. ان مقصد لاءِ ايندڙ ڏينهن ۾ ٻن پلاٽن جي نيلامي ڪنداسين ۽ يقيني بڻائينداسين ته جيڪو پلاٽ وٺي اهو فوري طور تي فائيو اسٽار هوٽل بڻائي، اهڙيءَ طرح ننڍن هوٽلن جي پلاٽن جي نيلامي ٿي چڪي آهي، انهي مُدي دوران وزيراعظم سفاري پاڪ جي پيڙهه جو پٿر رکندو. گهرو وزير چيو ته فيض آباد چؤڪ جي پُل کي ٺيڪ ڪرڻو آهي، فيض آباد چؤڪ جيڪو راولپنڊي کان اچي رهيو آهي اهو جام ٿي ويندو آهي، اهو م??صو??و به ٻنهي ميگا پراجيڪٽس سان گڏ مڪمل ڪي?? ويندو. هن چيو ته پرائيويٽ سيڪٽر جي مدد سان اسان ڏکڻ ايشيا جو سڀ کان ڊگهو جهنڊو اسلام آ??اد ۾ لڳائينداسين.