اسلام آباد – 08 – نومبر (اي پي پي) ايسوسيئيٽيڊ پريس آف پاڪستان ۽ يونيورسٽي آف سرگوڌا ۾ ڪميونيڪشن شعبي اينڊ ميڊيا اسٽڊيز جي شاگردن کي انٽرن شپ جا موقعا فراهم ڪرڻ، نيوز رائٽنگ، رپورٽنگ ۽ صحافت جي مختلف رخن ۾ تربيت فراهم ڪرڻ جي لاءِ مفاهمت جي يادداشت تي صحيحون ڪيون ويون آهن. ايم او يو تي اي پي پي جي مئنيجنگ ڊائريڪٽر محمد عاصم کچي ۽ سرگوڌا يونيورسٽي جي وائيس چانسلر ملڪ قيصر عباس هڪ باضابطا اجلاس ۾ صحيحون ڪيون. ان موقعي تي پرو وائيس چانسلر پروفيسر ڊاڪٽر ميان غلام ياسين، ڪميونيڪشن اينڊ ميڊيا اسٽڊيز شعبي جو چيئرپرسن ڊاڪٽر مدثر حسين شاهه ۽ شاگردن جو وڏو انگ پڻ موجود هو. معاهدي موجب سرڪاري ??ابرو اداري (اي پي پي) ڪميونيڪشن اينڊ ميڊيا اسٽڊيز ڊپارٽمينٽ جي شاگردن کي موقعا فراهم ڪ??دو ۽ انهن کي رپورٽنگ جي تربيت فراهم ڪ??دو. اي پي پي يو ايس ٽي وي ۽ وي او وي ايف ايم 98.2 کي پنهنجي نيوز پروگرامن ۾ مدد فراهم ڪرڻ جي لاءِ پنهنجي نيوز ڪريڊ تائين خصوصي پهچ فراهم ڪ??دي. جڏهن ته ٻئي ڌري??ن گڏيل طور تي تربيتي ورڪشاپس ۽ ميڊيا بابت ٻين سرگرمين جو اهتمام ڪ??ديون.
تقريب کي خطاب ڪندي اي پي پي جي ايم ڊي محمد عاصم کچي چيو ته ايم او يو سان تعليمي علم ۽ ميڊيا پريڪٽسز جي وچ ۾ فرق کي ختم ڪري ??گهبو. اهو ميڊيا جي شاگردن کي صحافت ۾ مهارت حاصل ??رڻ جي لاءِ ضروري مهارتن سان ليس ڪندو، جنهن سان انهن کي چٽاڀيٽي واري ميڊيا جي منظرنامي ۾ برتري ??اصل ٿيندي. هن وڌيڪ چيو ته اهڙي طرح جي حصيداري هڪ بهترين ۽ پيشيواراڻي طور تي تربيت يافته افرادي قوت تيار ڪرڻ جي لاءِ ضروري ??هي جيڪا معاشري ۾ بامعنيٰ ڪردار ادا ڪري ??گهي ٿي. عاصم کچي ميڊيا ۾ ايندڙ تبديلين تي پڻ روشني وڌي. هن چيو ته ”ڊيجيٽل ميڊيا اسان جي استعمال ۽ خبرن جي تياري ??ي طريقي کي نئين شڪل ڏئي رهي آهي، جنهن سان اڄ جي صحافين جي لاءِ موقعا ۽ چئلينجز ٻئي پيدا ٿي رهيا آهن. اي پي پي جي مئنيجنگ ڊائريڪٽر چيو ته روايتي کان ڊيجيٽل ميڊيا طرف منتقل ٿيڻ جي لاءِ چٽاڀيٽي، فني مهارت ۽ ناظرين جي وڌندڙ ضرورتن جي گهري ??فهيم جي ضرورت آهي. هن چيو ته هي ايم او يو شاگردن کي ان متحرڪ منظرنامي ۾ تيار ڪندو ۽ انهن کي مستقبل جي لاءِ تيار ميڊيا پروفيشنلز بڻجڻ جي لاءِ بااختيار بڻائيندو. ان موقعي تي وائيس چانسلر پروفيسر قيصر عباس سرڪاري ??ابرو اداري (اي پي پي) ۽ ميڊيا ڊپارٽمينٽ جي وچ ۾ تربيتي معاهدي جي آجيان ڪئي. هن چيو ته اهڙي طرح جا معاهدا هڪ ٻئي جي تجربن جي مٽاسٽا ۾ اهم ڪردار ادا ڪندا. هن چيو ته اي پي پي نه رڳو سڄي ملڪ ۾ پر پوري ??نيا ۾ مثبت ڪردار ادا ڪري ??هي آهي. هن يونيورسٽي جي شاگردن کي سکڻ جا موقعا فراهم ڪرڻ تي اي پي پي جي ايم ڊي محمد عاصم کچي جا ٿورا مڃيا. ان موقعي تي ايسوسيئيٽيڊ پريس آف پاڪستان سرگوڌا جو اسٽيشن انچارج مخدوم شاهه لطيف، اي پي پي ايمپلائيز يونين اسلام آباد جي صدر خضر زمان ملڪ?? سيڪريٽري ??يم ڊي ملڪ سليم اعواڻ، اي پي پي ايمپلائيز يونين جو جنرل سيڪريٽري ملڪ نديم حسين، اي پي پي پينل جا صحافي اطهر نديم، راڻا محمد وقاص، تنوير احمد قريشي پڻ موجود هئا.