70 مهينن کانپوءِ ناڻي واڌ هڪ ڀيرو ٻيهر گهٽ ترين سطح تي آهي، فوج جي مڪمل پڪڙ جي ڪري افغانستان کي کنڊ جي اسمگلنگ مڪمل ختم ٿي وئي آهي، جنهن جي ڪري 50 ڪروڙ ڊالر کان وڌيڪ جي کنڊ برآمد ڪئي وئي: وزيراعظم محمد شهباز شريف

image

اسلام آباد – 02 – ڊسمبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته 70 مهينن کانپوءِ ناڻي واڌ هڪ ڀيرو ٻيهر گهٽ ترين سطح تي آهي، ان جا ايندڙ ڏينهن ۾ مثبت اثر پوندا، معاشي استحڪام سان گڏ گروٿ ۾ اضافو آڻڻو آهي، ايف بي آر اوڳاڙين جو هدف حاصل ڪري ته بهتري ايندي، فوج جي مڪمل پڪڙ جي ڪري افغانستان کي کنڊ جي اسمگلنگ مڪمل ختم ٿي وئي آهي جنهن جي ڪري 50 ڪروڙ ڊالر کان وڌيڪ جي کنڊ برآمد ڪئي وئي ۽ ملڪي سطح تي قيمتون به گهٽ ٿيون. هو ڪابينا جي اجلاس جي موقعي تي ڳالهائي رهيو هو. وزيراعظم ڪابينا جي اجلاس ۾ شرڪت تي ميمبرن جا ٿورا مڃيندي چيو ته سڀ کان پهرين آئون توهان کي هڪ سٺي خبر ڏئي رهيو آهيان ته 70 مهينن کانپوءِ ناڻي واڌ هن نومبر ۾ پنهنجي گهٽ ترين سطح تي آهي، 2018ع ۾ محمد نواز شريف جي دور ۾ ناڻي واڌ 3.5 سيڪڙو هئي، هاڻي هن مهيني اها 4.9 سيڪڙو تي پهتي آهي، اهو الله تعاليٰ جو تمام وڏو احسان آهي، الله تعاليٰ جو جيترو به شڪر ادا ڪيو وڃي گهٽ آهي ڇو ته ناڻي واڌ واحد اهو هٿيار آهي جيڪو غريب ماڻهو جي غربت ۾ وڌيڪ اضافو ڪري ٿو يا آساني کڻي اچي ٿو. هن چيو ته اها 70 مهينن کانپوءِ هڪ رڪارڊ گهٽتائي آئي آهي، ملڪ جي اندر عام ماڻهو، غريب ماڻهو جو بار وڌيڪ گهٽ ٿيندو. وزيراعظم چيو ته اميد ڪرڻ گهرجي ته ناڻي واڌ ۾ گهٽتائي سان هاڻي اسٽيٽ بئنڪ جي ايندڙ اجلاس ۾ پاليسي ريٽ وڌيڪ گهٽ ٿيندو، جڏهن ته فيصلو اسٽيٽ بئنڪ کي ڪرڻو آهي. هن چيو ته آئون اهو چاهيندس هئس ته گذريل ڏينهن ۾ جيڪي ڌرڻن ملڪ ۾ هڪ ٻڏتر واري ڪيفيت پيدا ڪري ڇڏي هئي ۽ ملڪ جي اندر خاص طور تي اسلام آباد ۾ هر طرف افراتفري ۽ ٻڏتر وارو ماحول هو، ڀڃ ڊاهه ڪئي وئي ۽ پوليس ۽ رينجرز جا اهلڪار شهيد ٿيا، درجنين زخمي ٿيا ۽ پنهنجي انهن انتهائي غلط ۽ غيرقانوني حربن سان ملڪ جي عالمي سطح تي بي عزتي ڪرائي وئي. هڪ ڏينهن جي اندر اسٽاڪ ايڪسچينج ساڍي ٽي هزار پوائنٽس هيٺ اچي وئي پر ڊي چوڪ تان پٺتي هٽندي ئي اڳئين ڏينهن اسٽاڪ ايڪسچينج ۾ ٻيهر فوري بهتري آئي. هن چيو ته ناڻي واڌ ۾ گهٽتائي ٽيم ورڪ جو نتيجو آهي، اسان کي وڌيڪ تيزي سان ۽ محنت سان ڪم ڪرڻو آهي، ان جا ثمر ايندڙ ڏينهن ۾ مثبت هوندا. هن چيو ته ايف بي آر اوڳاڙين جو هدف حاصل ڪندو ته بهتري ايندي. وزيراعظم چيو ته اسان کنڊ جي برآمد جي اجازت ڏني ته ان سان 500 ملين ڊالر جو پرڏيهي ناڻو حاصل ٿيو ۽ ملڪي سطح تي کنڊ جون قيمتون به گهٽ ٿيون. پاڪ فوج جي قدمن سان افغانستان کي کنڊ جي اسمگلنگ جو مڪمل خاتمو ٿي ويو آهي. اڄ ملڪ ۾ کنڊ جو وڏو اسٽاڪ موجود آهي. اهڙي طرح ايف بي آر کي به قدم کڻڻا پوندا. وزيراعظم چيو ته دفاع واري وفاقي وزير خواجه محمد آصف ۽ سندس ٽيم جي ڪوششن سان يورپ جي لاءِ پي آءِ اي جون اڏامون بحال ٿي ويون آهن، انهن اڏامن جي بندش سان قوم جو اربين ڊالر جو نقصان ٿيو. هڪ منچلي وزير جي پي آءِ اي ۾ پائليٽ جي جعلي ڊگرين جي بيان سان اهو نقصان کڻڻو پيو هو. پي آءِ اي جي نجڪاري نه ٿيڻ جو هڪ سبب انهن روٽس جي بندش به هو. ان تي هوابازي واري اڳوڻي وزير خواجه سعد رفيق ۽ سندس ٽيم کي به مبارڪباد پيش ڪريان ٿو. پوري قوم ۽ سياسي قيادت کي به ان تي مبارڪباد پيش ڪريان ٿو. اها وڏي ڪاميابي آهي. هن چيو ته معاشي استحڪام سان گڏوگڏ هاڻي گروٿ به حاصل ڪرڻي آهي، اقتصادي هدف حاصل ڪنداسين.

مضمون کا ماخذ : sorteios quina
متعلقہ مضامین
مزید خبریں