اسلام آباد-22 ڊسمبر (اي پي پي) صدر مملڪت آصف علي زرداري ڏکڻ
وزيرستان ۾ چيڪ پوسٽ تي دهشتگردن جي حملي جي مذمت ڪندي شهيد ٿيل
16 جوانن کي خراج عقيدت پيش ڪيو ۽ چيو ته سموري ??وم دهشتگردي خلاف
جنگ ۾ پنهنجي فورسز س??ن گڏ آهي. ايوان صدر جي پريس ونگ طرفان
جاري بيان مطابق صدر مملڪت دهشتگرد حملي ۾ 16 بهادر جوانن جي شهادت
تي ڏک جو اظهار ڪيو. صدر مملڪت دهشتگرد حملي ۾ شهيد ٿيل 16 جوانن
کي خراج عقيدت پيش ڪندي شهيدن جي وارثن سان تعزيت جو اظهار ڪيو ۽
صبر جي دعا ڪئي. صدر آصف علي زرداري ??لڪ ۾ فتنه الخوارج جي
مڪمل خاتمي تائين ڪارروائيون ج??ري رکڻ ??ي عزم جو اظهار ڪيو ۽ چيو ته
سموري ??وم دهشتگردي خلاف جنگ ۾ پنهنجي فورسز س??ن گڏ آهي. صدر
مملڪت چيو ته دهشتگرد ملڪ، قوم ۽ انسانيت جا دشمن آهن، دهشتگردي جي
لعنت جي مڪمل خاتمي تائين ڪارروائيون ج??ري رکنداسين.