اسلام آباد- 25 ڊسمبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته قائداعظم محمدع??ي جناح ناممڪن کي ممڪن بڻايو، سندس اڻٿڪ محنت عيوض اسان کي پيارو وطن پاڪستان مليو، قائداعظم گهڻين صلاحيتن جو ما??ڪ هو جيڪو اتحاد، انصاف ۽ مساوات تي گهرو يقين رکندو هو، پاڪستاني جي حيثيت سان اسان جو فرض آهي ته اسان پنهنجي قوم جي ترقي، خوشحالي ۽ اتحاد لاءِ اڻٿڪ محنت ڪريون. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ ما?? جاري بيان موجب قائداعظم محمدع??ي جناح جي 148هين جنم ڏڻ تي پنهنجي پيغام ۾ وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو ته اڄ اسان پاڪستان جي باني جو 148هون جنم ڏڻ ملهائي رهيا آهيون ۽ ان جي غير معمولي بصيرت، پُختي اِرادي ۽ همت ۽ بي مثال عزم جي ياد تازي ڪري رهيا آهيون. هن چيو ته قائداعظم اهو ڪري ڏيکاريو جنهن کي ڪيترائي ماڻهو ناممڪن سمجهندا هئا، سندس اڻٿڪ محنت عيوض اسان جو وطن پاڪستان وجود ۾ آيو، قائداعظم نادر صلاحيتن جو ما??ڪ ۽ اتحاد، انصاف ۽ مساوات تي پختو يقين رکندو هو. هن چيو ته سندس زندگي اڻ ڳڻ ماڻهن کي هڪ روشن خيال استاد، بصيرت رکندڙ وڪيل، اصولي ۽ ثا??ت قدم سياستدان ۽ ڪرشماتي اڳواڻ طور تي متاثر ڪندي آئي آهي. قائداعظم جي جدوجهد جو سفر يقين جي طاقت ۽ محنت ۽ لڳن ذريعي خو??بن جي تعبير جو ثبوت آهي. قائداعظم هڪ ڀيرو چيو هو ته ”ناڪامي مون لاءِ اڻڄاڻ لفظ آهي.“ پنهنجي لفظن مطابق هن پنهنجي عزم جي پيروي ڪئي ۽ ننڍي کنڊ پاڪ ۽ هند جي مسلمانن کي هڪ قوم بڻائڻ ۾ ڪامياب ٿيو. ان لاءِ سندس حتمي مقصد جي حاصل ڪرڻ آڏو عنوانن ۽ تعريف جي حيثيت ثانوي آهي. هن چيو ته قائداعظم هڪ اهڙي پاڪستان جو خواب ڏٺو جتي بنا ڪنهن فرق جي مذهب ۽ نسل هر شهري عزت، آزادي ۽ مساوي جي موقعن سان زندگي بسر ??ري سگهن. وزيراعظم چيو ته پاڪستان لاءِ سندس ويزن شموليت، اتحاد ۽ خوشحا??ي جو هو. جڏهن اسان سندس سالگره جو ڏينهن ملهائي رهيا آهيون ته اچو قائداعظم جي ميراث ما?? سبق حاصل ڪريون ۽ انهن قدرن لاءِ پنهنجي وابستگي جو ورجاءُ ڪريون جن لاءِ قائداعظم جدوجهد ڪئي. پاڪستاني طور اسان جو اهو فرض آهي ته اسان پنهنجي قوم جي ترقي، خوشحالي ۽ اتحاد لاءِ اڻٿڪ محنت ڪريون.