لا??ور – 15 س??پٽ??بر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان ٻارن ۽ عورتن سان زيادتين جي واقعن تي گهري ڳڻتي جو اظهار ڪندي واضح ڪيو آهي ته عورت زيادتي ڪيس کي منطقي انجام تائين پهچايو ويندو ۽ ڏوهارين کي قانون موجب سزا ڏني ويندي. وزيراعظم نشي آور مصنوعات وڪرو ڪندڙ عنصرن ۽ قبضي مافيا جي خلاف سخت ڪريڪ ڊائون جو حڪم ڏنو ۽ انتظاميا کي هدا??ت ڪئي ته ضرورت جي شين خاص ??ور تي ڪڻڪ جي دستيابي کي يقيني بڻايو وڃي. هو لا??ور ۾ پنجاب صوبي ۾ امن امان، ضرورت جي شين جي دستيابي ۽ انهن جي قيمتن ۽ فلاحي منصوبن جي حوالي سان اعليٰ سطحي اجلاس جي صدارت ڪري رهيو هو.