اسلام آباد – 11 مئي (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير سينيٽر شبلي فراز چيو آهي ته پاڪستان ۾ ڪورونا ڪيسن ۾ گهٽتائي جو سبب وقت سر حڪومتي قدم آهن، وزيراعظم عمران خان روزاني جي بنياد تي سڄي صورتحال جي ??اڻ مانيٽرنگ ڪري رهيو آهي، لاڪ ڊائون ۾ نرمي جو تازو فيصلو سمورين وفاقي ڌرين جي ??شاورت سان ڪيو ويو آهي، عوام تي به ذم??وا??ي لاڳو ٿئي ٿي ته اها ان حوالي سان طئي ڪيل ايس او پيز تي سختي سان عمل ڪري، اسان جون ڪوششون ڪورونا ڪيسن جي غيرمعمولي اضافي کي روڪڻ ۾ ڪامياب ٿيون آهن. اهڙن خيالن جو اظهار هن ڪوويڊ 19 وڊيو ڪانفرنس کي خطاب ڪندي ڪيو.