اسلام آباد – 07 جولاءِ (اي پي پي) نيشنل ڪمانڊ اينڊ آپريشن سينٽر (اين سي او سي) کي ٻڌايو ويو آهي ته وزيراعظم عمران خان جي هد??يتن جي روشني ۾ سڄي ملڪ جي اسپتالن ۾ 1227 آڪسيجن بيڊز فراهم ڪيا ويا آ??ن. منصوبابندي، ترقي، سڌارن ۽ خاص قدمن واري وفاقي وزير اسد عمر جي صدارت هيٺ نيشنل ڪمانڊ اينڊ آپريشن سينٽر (اين سي او سي) جو اعليٰ سطحي اجلاس ٿيو. اجلاس ?? چيف سيڪريٽرين پاران سمارٽ لاڪ ڊائون جي حوالي سان تازي صورتحال، ذاتي تحفظ جي اوزارن (پي پي ايز) ۽ ماسڪ جي فراهمي، ڪورونا وبا جي ڦهلاءُ جي صورتحال ۽ اسپتالن ۾ ”ريمپ اپ پلان“ جو جائزو ورتو ويو. اين سي او سي کي ڏني ويندڙ بريفنگ ۾ ٻڌايو ويو ته ڪورونا وائرس جي مريضن جي بهتر علاج جي لاءِ وزيراعظم عمران خان جي هد??يتن تي هيستائين سڄي ملڪ جي مختلف اسپتالن ۾ وڌيڪ 1227 بستر شامل ڪيا ويا آ??ن.