اسلام آباد – 11 جول??ءِ (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير سينيٽر شبلي فراز چيو آهي ته پاڪستان تحريڪ انصاف کي ادارن ۾ سڌارن ج?? مينڊيٽ مليو آهي ۽ اهو ئي اسا?? جي پارٽي جو منشور آهي، پاڪستان ۽ بدعنواني گڏ نه ٿا ??لي سگهن، وزيراعظم عمران خان عالمي شهرت رکندڙ شخصيت آهي، ا?? جي ڀيٽ ڪنهن به صورت ۾ موروثي سياستدانن سان نه ٿي ڪري سگهجي، وزيراعظم معائنه ڪميشن اي جي پي آر جي ذريعي سرڪاري خريداري ۾ ٿيندڙ خرابي کي سڌارڻ جي ل??ءِ سفارشون ج??ڙي ورتيون آهن، سرڪاري خريداري جيڪا اي جي پي آر جي ذريعي ٿئي ٿي ان تي ساليانو اربين رپيا اضافي قيمت قوم جي پئسي سان ادا ڪرڻي پوي ٿي، ان بگاڙ کي سڌارينداسين ۽ جيڪو به ذميوار هوندو ا?? جي خلاف ڪارروائي ٿيندي، جڏهن به احتساب ۽ ادارن ۾ سڌار?? جي ڳالهه ٿئي ٿي ته مخالف ڌر پنهنجي سياسي ۽ مالي مفاد?? جي ل??ءِ گڏ ٿي وڃي ٿي، ادارن ۾ خرابي پيدا ڪندڙن ج?? احتساب ٿيندو. اهڙن خيالن ج?? اظهار هن پي آءِ ڊي ۾ وزيراعظم معائنه ڪميش?? جي چيئرمين احمد يار هراج سان گڏ پريس ??انفرنس کي خطاب ڪندي ڪيو. اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چيو ته بدقسمتي سان انهن ادارن کي ڄاڻي واڻي مفلوج ڪيو ويو. هن چيو ته پنهنجي منشور جي پاسداري ڪندي وزيراعظم عمران خان ادارن ۾ سڌارن ۽ ري اسٽرڪچرنگ جي ل??ءِ قدم کنيا آهن ۽ وزيراعظم جي سموري سياسي جدوجهد انهي جي ل??ءِ هئي ته ادارن ۾ شفافيت هجي. هن چيو ته پي آءِ اي، نيپرا، پيمرا يا جيترا به ريگيوليٽري جا ادارا آهن انهن ج?? فعال هجڻ اهميت رکندڙ آهي.