مظفر آباد – 03 آگسٽ (اي پي پي) آزاد ڪشمير جي وزيراعظم راجا فاروق حيدر خان جي ميزباني ۾ آزاد ڪشمير جي سمورين پارلياماني پارٽين جو اجلاس ٿيو. اجلاس ۾ آزاد ڪشمير جي صدر سردار مسعود خان، پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي، قومي سلامتي واري صلاحڪار معيد يوسف خصوصي شرڪت ڪئي. شرڪت ڪندڙن پاران والاريل ڪشمير ۾ ڀارتي فوج جي رياستي دهشتگردي جي سخت مذمت ڪئي وئي. ان موقعي ت?? آزاد ڪشمير جي وزيراعظم راجا فاروق حيدر چيو ته 35 اي جو خاتمو ۽ آبادي جو تناسب تبديل ڪرڻ جون ڪوششون عالمي قانونن جي خلاف ورزي آهي، هڪ سال ٿي ويو آهي والاريل ڪشمير مڪمل فوجي گهيراءُ ۾ آهي عو??م قيدين وانگر زندگي گذاري رهي آهي، پاڪستان حڪومت ڀارتي قدمن کي سڄي دنيا ۾ بي نقاب ڪرڻ جي لاءِ جارحاڻي سفارتي ??هم هلائي، پاڪستان ۾ هڪ قومي حڪمت عملي اختيار ڪئي وڃي، آزاد ڪشمير ۽ ٻاهرئين ملڪ رهندڙ سڄي دنيا ۾ هڪ ٿي ڀارت جي خلاف پرامن سياسي تحريڪ هلائيندا، مودي جي انتهاپسنداڻي سوچ ڀارت کي پنهنجي لپيٽ ۾ وٺي ڇڏيو آهي. پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي چيو ته ڪشمير جي معاملي ت?? آزاد ڪشمير جي سمورين سياسي پارٽين سمورن ادار?? ۾ ??شمير جي معاملي تي مڪمل هم آهنگي آهي، پاڪستان جي عو??م ۽ حڪومت ڪشميرين جي جدوجهد ج?? آزادي ۾ انهن سان گڏ بيٺل آهيون، 5 آگسٽ تي پرڏيهي وزارت ۾ ملڪ جي سمورين سياسي پارٽين جو خصوصي اجلاس ٿيندو. رياستي پارٽين جو پاڪستاني قوم ۽ حڪومت پاران 5 آگسٽ کي ڀرپور طريقي سان ملهائڻ تي رياستي قيادت پاران ٿورا مڃيا ويا. پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي ڪشميري قيادت کي ڪشمير پاليسي ۽ عالمي سطح تي کنيل قدمن تي بريفنگ ڏني.