ڪراچي – 07 آڪٽوبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير سينيٽر شبلي فراز چيو آهي ته مختلف صحاف??ي ادارن سان واڳيل صحافين ۽ ٻين ملازمن جي رهتن ۽ پگهارن جي ادائيگي ??ي لاءِ حڪومت هڪ اهڙو مڪينزم ٺاهي رهي آهي جنهن جو تعلق اشتهارن جي بلن جي ادائگي سان هوندو، حڪومت ميڊيا هائوسز کي هڪ ارب رپين کان وڌيڪ جي ادائيگي ڪ??ي آهي ۽ ڀرپور ڪوشش ڪئي آهي ته ان رقم سان صحاف??ي ادارن سان واڳيل صحافين ۽ ٻين ملازمن جي پگهارن جي ادائگي ڪ??ي وڃي. اهڙن خيالن جو اظهار هن ڪراچي پريس ڪلب جي دوري جي موقعي تي صحافين سان ڳالهائيندي ڪيو.