وزيراعظم گڏيل عرب امارات جي ٻن ڏينهن جي دوري تي ابوظهبي پهچي ويو

image
APP12-120123 ABU DHABI: January 12 – Prime Minister Muhammad Shehbaz Sharif is being received by Minister for Economy of the United Arab Emirates H.E. Abdullah bin Touq Al-Marri at Abu Dhabi Airport. APP/TZD

ابوظهبي – 12 – جنوري (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف گڏيل عرب امارات جي ٻن ڏينهن جي دوري تي ابوظهبي پهچي ويو آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب ابوظهبي جي هوائي اڏي تي گڏيل عرب امارات جي اقتصادي معاملن واري وزير عبدالله طوق المري ۽ پاڪستاني سفارتخاني جي آفيسرن وزيراعظم محمد شهباز شريف جو استقبال ڪيو. وزيراعظم گڏيل عرب امارات جي صدر شيخ محمد بن زايد النهيان سان ملاقات ڪندو، جنهن ۾ ٻنهي ڀائر اسلامي ملڪن جي وچ ۾ اقتصادي، واپاري ۽ سيڙپڪاري جي شعبن ۾ تعاون کي فروغ ڏيڻ ۽ يو اي اي ۾ پاڪستاني افرادي قوت جي لاءِ موقعا پيدا ڪرڻ بابت معاملا بحث هيٺ ايندا. ٻئي اڳواڻ گڏيل دلچسپي جي ڪيترن ئي علائقائي ۽ عالمي معاملن تي به خيالن جي ڏي وٺ ڪندا. وزيراعظم محمد شهباز شريف گڏيل عرب امارات جي وزيراعظم ۽ نائب صدر ۽ دبئي جي حڪمران شيخ محمد بن راشد المڪتوم سان به ملاقات ڪندو. ان موقعي تي وزيراعظم واپار ۽ سيڙپڪاري کي وڌائڻ جي لاءِ اماراتي واپارين ۽ سيڙپڪارن سان به ملاقاتون ڪندو.

مضمون کا ماخذ : Aztec خزانے
متعلقہ مضامین
مزید خبریں