ملڪ ۾ هزارين اربين رپين جي ٽيڪس چوري ٿئي ٿي، رڳو ٻن وزارتن جو گردشي قرض 4 هزار ارب رپيا آهي، مستقل تبديليءَ لاءِ نقصان ۾ هلندڙ سرڪاري ادارن جي نجڪاري ۽ کين بند ڪرڻو پوندو: دفاع وارو وفاقي وزير خواجه محمد آصف

image

اسلام آباد-14 جون (اي پي پي) دفاع واري وفاقي وزير خواجه محمد آصف چيو آهي ته ملڪ ۾ هزارين اربين رپين جي ٽيڪس چوري ٿئي ٿي، رڳو ٻن وزارتن جو گردشي قرض 4 هزار ارب رپيا آهي، جيڪڏهن اسان مستقل تبديلي چاهيون ٿا ته نقصان ۾ هلندڙ سرڪاري ادارن جي نجڪاري ڪرڻي پوندي يا کين بند ڪرڻو پوندو. نار وارن ملڪن ۾ ڪم ڪندڙ پاڪستاني وطن جي مٽيءَ سان محبت سان سرشار آهن، اهي عمران خان جي چوڻ تي پرڏيهه مان اُماڻيندڙ ناڻو بند نه ڪندا ڇاڪاڻ ته کين انهي ئي مٽيءَ ۾ دفن ٿيڻو آهي، جيڪي ماڻهو ٻاهر ويهي پنهنجي ملڪ خلاف سازشون ڪندا آهن اهي پنهنجن ابن ڏاڏن جي تدفين لاءِ هتي ايندا آهن ۽ ان بعد ملڪيتون وڪڻي انهن ئي ملڪن ڏانهن هليا ويا آهن جن جي وفاداريءَ جو حلف کنيل هوندو آهي، ريئل اسٽيٽ ۾ 500 ارب رپين جو ٽيڪس چوري ٿئي ٿو، 9 مئي تي پاڪستان خلاف شديد نفرت جو اظهار ڪيو ويو. دفاعي اثاثن تي حملي آور پاڪستاني نٿا ٿي سگهن، ان ملڪ کي درپيش بيمارين جو علاج عالمي مالياتي ادارن يا دوست ملڪن وٽ ناهي پر اسان پاڻ وٽ آهي، عدليه ملڪ کان منع نامي جي نالي تي جيڪو ڪجهه ڪري رهي آهي ان جي خود احتسابي ڪري. قومي اسيمبليءَ ۾ ايندڙ مالي سال 24-23ع جي بجيٽ تي بحث ۾ حصو وٺندي خواجه آصف چيو ته 75 سالن ۾ بنيادي تبديليون آڻڻ لاءِ ڪي قدم نه کنيا ويا، موجوده معروضي حالتن ۾ ايندڙ وفاقي بجيٽ ۾ عوام کي هر ممڪن سهولتن جي فراهميءَ جي ڪوشش ڪئي وئي آهي جنهن ۾ ڪنهن حد تائين ڪامياب به ٿيا آهيون. هن چيو ته ناممڪن کي ممڪن بڻائڻ جي ڪوشش ڪئي آهي، اسان جي ملڪ جي ڏهاڪن جي معاشي خرابيءَ جو سلسلو ان حد تائين پهچي چڪو آهي جتي عام ماڻهوءَ جو ساهه کڻڻ مشڪل آهي، هڪ اهڙو طبقو آهي جنهن هر وقت ممڪن وسيلا دستياب آهن، وياج جي ادائگي اسان جي آمدنيءَ کان وڌيڪ آهي، اسان جي مسئلن جي ٻين سان گڏوگڏ ٻه بنيادي ڪارڻ آهن جن کي سالن ۽ ڏهاڪن ۾ حل ناهي ڪيو ويو، ٻن ادارن جو قرض هڪ هزار ارب رپين کان وڌيڪ آهي، 86 ارب رپيا رڳو ان قرض تي وياج ادا ڪيو ويندو آهي، خساري وارن ادارن جي جلدي نجڪاري ئي بهتر آهي. هن چيو ته معاشي حالتن کان هر ماڻهو آگاهه آهي، هزارين ارب رپيا اهڙن ادارن تي خرچ ڪيا پيا وڃن جن جو زندهه رهڻ ممڪن ناهي اهو رياست خلاف ڏوهه آهي، غربت گهٽائيندڙ ادارن غربت ناهي گهٽائي پر چيف ايگزيڪيوٽو ۽ چيف آپريٽنگ آفيسر 30 کان 35 لک رپيا پگهار کڻي رهيا آهن ۽ هنن منع نامو حاصل ڪري رکيو آهي، ڄڻ ته ڦرلٽ جي بازار گرم آهي. هن چيو ته اسان جي آمدنيءَ جو وڏو ذريعو ٽيڪس محصول آهي، تازو هڪ اداري جي رپورٽ آئي آهي جنهن پاڪستان ۾ ٽيڪس چوري جي انگ اکر ظاهر ڪيا آهن، ان مطابق رڳو ريئل اسٽيٽ ۾ 500 ارب رپين جو ٽيڪس چوري ٿيندو آهي. تماڪ جي شعبي ۾ 240 ارب رپيا، آٽو موبائل ۽ ٽائرن جي صنعت مان 50 ارب رپيا، آٽو ليوبريڪنٽ 56 ارب رپيا، فارماسيوٽيڪل 65 ارب رپيا، چانهه جي رپورٽ تي 45 ارب رپين جو ٽيڪس چوري ٿئي ٿو، ريٽيل سيڪٽر ۾ 2880 ارب رپين جي ٽيڪس چوري آهي، هزارين ارب رپين جو محصول چوري ڪندڙ ملڪ ۾ رليف جو بجيٽ ڪيئن پيش ٿي سگهي ٿو. ناڻي واري وزير ان باوجود تمام گهڻي همت ڪئي. هن چيو ته اسان کي ايندڙ نسلن کي تعليم ڏيڻ لاءِ اعليٰ تعليمي ادارن جا ڪيترائي سربراهه ڪرپشن ڪري اربين رپين جا مالڪ بڻجي چڪا آهن، جڏهن ته پنهنجو مدو مڪمل ڪرڻ بعد به اهي اسٽي تي هلي رهيا آهن. واپاري تنظيمن ۾ به وڏا وڏا اسمگلر ويٺا آهن جن کي هڪ سال جي ڇوٽ ڏني وئي آهي، عام ماڻهو معمولي ڏوهه تي گرفتار ٿئي جڏهن ته وڏا وڏا ڦورو کلي عام گُهمي رهيا آهن. اهڙا ماڻهو شادين تي اربين رپيا خرچ ڪري رهيا آهن. هڪ سال ۾ انهن خلاف گهيراءُ ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي پر ممڪن نه ٿي سگهيو. هڪ مستحڪم سياسي حڪومت ئي انهن خلاف ڪارروائي ڪري سگهي ٿي. هن چيو ته بنيادي تبديلين بعد منافعي بخش يا سر پلس بجيٽ ممڪن ناهي، سمورن معاشي بيمارين جو علاج موجود آهي پر ان لاءِ پختي عزم جي کوٽ آهي. اعليٰ عدالتن ۾ 16 لک رپين تائين جي پگهار آهي پر ادارا زنگجي چڪا آهن. قاضي فائز عيسيٰ خلاف ريفرنس سان عدليه ۾ ڏار پيا، سياستدانن تي تنقيد ٿي، اسان کُليل دل سان برداشت ڪريون ٿا ڇاڪاڻ ته اهو اسان جو ڪم آهي پر هي ادارا 2-2، 3-3 وزيراعظم هٽائي ڇڏيا. هڪ کي ڦاهيءَ تي چاڙهي ڇڏيو پر ان تي ڪنهن به معافي نه ورتي. هن چيو ته انهن سمورين بيمارين جو علاج عالمي مالياتي ادارن، امداد ڏيندڙ برادر ملڪن وٽ نه پر اسان وٽ آهي، جيستائين اسان 30-40 سالن کان نقصان ۾ هلندڙ ادارن جي نجڪاري نه ڪندسين يا کين بند نه ڪنداسين ته کين اهي معاشي بار هوندا. هن چيو ته آءِ ايم ايف پروگرام جي حوالي سان معاهدي جا ڪڪر لامارا ڏئي رهيا آهن، ناقابل تسخير دفاع واري ايٽمي ملڪ کي ڪو پرڏيهي خطرو ناهي، رڳو معاشي حالتن جو خطرو آهي. سرحدن جو دفاع ڀرپور انداز ۾ ٿي رهيو آهي پر معاشي دشمنيءَ ۾ سمورا ادارا شامل آهن، اسان ان جو الزام کڻي رهيا آهيون، ڇاڪاڻ ته سياستدان ڪو معمولي ڪم به ڪندا آهن ته انهن جا اشتعار لڳي ويندا آهن. بيورو ڪريسيءَ کي رٽائرمينٽ بعد ان جي پگهار جو 70 سيڪڙو پينشن ملي ٿي، ان سان گڏ ملازم به پاڻ سان گڏ کڻي ويٺا آهن، سموريون سرڪاري مراعتون به استعمال ڪندا آهن پر اسان جيڪڏهن ايم اين اي ناهيون رهندا ته اسان کي پارليامينٽ لاجز ۾ داخل ٿيڻ به ناهي ڏنو ويندو. پبلڪ اڪائونٽس ڪميٽي ۽ اسٽينڊنگ ڪميٽيون اسان جو هٿيار آهن انهن جي سگهه وڌائي ڀرپور فائدو وٺي سگهجي ٿو. عدليه لاٽ جي حساب سان منع ناما نه ڏي، ملڪ سان ائين جيڪو ڪجهه ٿي رهيو آهي ان تي خود احتسابي ڪري. هن چيو ته 18ع جي چونڊن ۾ ڌانڌليءَ سان اقتدار ۾ آيل شخص طرفان 9 مئي تي ڪجهه هزار ماڻهن جي جٿي سان گڏ رياست کي يرغمال بڻائڻ جي ڪوشش ڪئي هاڻي انهن جو الزام ٻين تي لڳائي رهيو آهي، اهو سڀ ڪجهه منصوبا بندي سان ڪيو ويو ته ڇا سندس ڀينر، سندس ڪابينه جا وزير ۽ پارليامينٽ ميمبر به ان منصوبا بندي ۾ شامل هئا، جيڪي جي ايڇ ڪيو، ڪور ڪمانڊر هائوس ۽ ميانوالي ايئر بيس تي حملي جي قيادت ڪري رهيا هئا. هن چيو ته انهن حملن ۾ 3200 شرپسندن جي سڃاڻپ ٿي چڪي آهي، ڪئپٽن ڪرنل شير خان جي بهادريءَ جي واکاڻ ڀارتي فوج به ڪندي آهي پر سندس مجسمو ٽوڙيو ويو، شهيدن جا يادگار ڊاٺا ويا، 9 مئي تي پاڪستان خلاف شديد نفرت جو اظهار ڪيو ويو، دفاعي اثاثن تي حملو ڪيو ويو. اها ڪنهن جي ذاتي ملڪيت نه پر قومي اثاثا آهن، اهڙا ماڻهو پاڪستاني نٿا ٿي سگهن. هن چيو ته 75 سالن ۾ اسان جو ازلي دشمن به اهو ڪم نه ڪري سگهيو پر هڪ لاڏلي 9 مئي تي اهڙو ڪجهه ڪيو جيڪو ٻيو ڪير به نه ڪري سگهيو. دفاع واري وزير چيو ته ان ملڪ کي خطرو اسان جي نازڪ معيشت کان آهي، اسان وٽ وسيلا آهن اسان پنهنجي زخمن جو علاج ڳولي سگهون ٿا پر ان لاءِ پختو عزم ناهي، ان ۾ سمورا ادارا شامل آهن ڪنهن اداري جي نجڪاريءَ جو سوچيون ٿا ته اسان جا هٿ پير ٻَڌجي وڃن ٿا. هن چيو ته ان وقت 4 هزار ارب رپين جو بجلي ۽ پيٽروليم کاتن جو گردشي قرض آهي، بجليءَ جي هيٺئين سليب جو فائدو کڻندڙن لاءِ هڪ هڪ گهر ۾ 3-3 ميٽر لڳل آهن، وسيلن تي چند ماڻهن جو قبضو آهي، ايتري فرق وارو معاشرو وڌيڪ دير تائين زندهه نٿو رهي سگهي، هي اسان لاءِ سجاڳ ٿيڻ جو موقعو آهي. هن چيو ته تماڪ جون رڳو 2 پرڏيهي ڪمپنيون 175 ارب رپيا ٽيڪس ڏين ٿيون جڏهن ته باقي 40 سيڪڙو ڪمپنين جو ٽيڪس 100 ارب رپيا آهن ۽ بدقسمتيءَ سان انهن مان ڪجهه ماڻهو انهن ايوانن ۾ پهچي چڪا آهن، وڏا وڏا ٽي وي چينل به 190 ملين پائونڊ جنهن جي اڪائونٽ ۾ ويا انهن جو نالو کڻڻ لاءِ ڪيٻائي رهيا آهن. خواجه آصف چيو ته عمران خان کي ليڊر مڃيندڙ هلڪي ذهنيت وارا آهن جيڪي پرڏيهه ۾ ويهي ملڪ ڏانهن اُماڻيندڙ پرڏيهي ناڻو بند ڪرڻ جون ڌمڪيون ڏيندا آهن، پرڏيهه مان ايندڙ ناڻي جو وڏو حصو نار وارن ملڪن مان ايندو آهي. يورپ، آمريڪا ۽ ڪئنيڊا ۾ ترسيل پنهنجن ابن ڏاڏن کي رڳو هتي دفنائڻ ايندا آهن پوءِ هتي ملڪيتون وڪڻي هليا ويندا آهن. اهڙن ماڻهن غير ملڪي آقائن جي وفاداريءَ جو حلف کڻي رکيو آهي، کين شرم اچڻ گهرجي ته هن ملڪ کين عزت ڏني آهي، نار وارن ملڪن ۾ 50 ڊگري سينٽي گريڊ جي گرميءَ ۾ ڪم ڪندڙ پاڪستانين کي هن ئي ملڪ ۾ اچڻو آهي، کين هن ملڪ جي مٽيءَ سان محبت آهي اهي پرڏيهه مان پاڪستان ناڻو اُماڻين ٿا. دفاع واري وزير چيو ته جيڪڏهن اسان کي مستقل تبديلي آڻڻي آهي ته نقصان ۾ هلندڙ سرڪاري ادارن کي بند ڪرڻو پوندو يا انهن جي نجڪاري ڪرڻي پوندي. هن چيو ته بجيٽ ۾ عام ماڻهوءَ کي رليف ضرور مليو آهي پر اهو ڪافي ناهي.

مضمون کا ماخذ : ایزٹیک گولڈ
متعلقہ مضامین
مزید خبریں