سوئٽزرلينڊ جي پرڏيهي وزير سان لاڀائتيون ۽ نتيجا ڏيندڙ ڳالهيون ٿيون آهن: وزيراعظم شهباز شريف

image

اسلام آباد-08 جولاءِ (اي پي پي)وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته سوئٽزرلينڊ جي پرڏيهي وزير اگنازيو ڪاسس سان لاڀائتيون ۽ نتيجا ڏيندڙ ڳالهيون ٿيون آهن. پنهنجي ٽوئيٽ ۾ وزيراعظم چيو ته سوئيس پرڏيهي وزير سان ملاقات ڪري کيس خوشي ٿي آهي. هن چيو ته اسان واپار، سيڙپڪاري، موسمياتي تبديلين، قدرتي آفتن کي منهن ڏيڻ جي انتظامن، خطرن ۾ گهٽتائي، اڳواٽ وارننگ، اعليٰ تعليم ۽ سياحت جي بنيادي ڍانچي جي تعمير ۽ ترقي ۾ تعاون کي وڌائڻ تي نتيجا ڏيندڙ ڳالهيون ٿيون آهن. وزيراعظم موسمياتي لحاظ سان موزون ذميواراڻي پائيدار ترقي جي حوالي سان سوئٽزرلينڊ جي ڪردار کي پڻ ساراهيو آهي.

مضمون کا ماخذ : کوئٹہ لاٹری
متعلقہ مضامین
مزید خبریں