مريم اورنگزيب پاران چئن ڏهاڪن کان پوءِ عالمي اسڪوائش ۾ پاڪستان جي فتح تي پوري قوم کي مبارڪون

image

اسلام آباد-23 جولاءِ (اي پي پي) سڌ سماءَ واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب چئن ڏهاڪن کان پوءِ هڪ ڀيرو ٻيهر عالمي اسڪوائش ۾ پاڪستان جي فتح تي پوري قوم کي ۽ حمزه خان کي ورلڊ جونيئر اسڪوائش چيمپيئن بڻجڻ تي مبارڪون ڏنيون آهن. پنهنجي هڪ ٽوئيٽ ۾ هن چيو ته 1986ع ۾ جان شير خان پاڪستان کي جيڪو اعزاز ڏياريو هو، 37 سالن کان پوءِ حمزه خان ٻيهر ان کي پاڪستان جي نالي ڪري ڇڏيو آهي. هن چيو ته الله تعاليٰ پاڪستان جي هر نوجوان کي وطن جي سربلندي جو ذريعو بڻائي، درسگاهن ۽ راندين جي ميدانن کي آباد ڪري، هر قدم تي پاڪستان سربلند، سرخرو ۽ فتحياب ٿئي.

مضمون کا ماخذ : میگا مولا۔
متعلقہ مضامین
مزید خبریں