اسلام آباد – 10 – جنوري (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير سينيٽر شبل?? فراز چيو آهي ته ماضي جي حڪومتن پهچ ۽ ورڇ تي ڌيان نه ڏنو، ??نهي جي ڪري سڄي ملڪ ۾ اوچتو بجلي جو نظام متاثر ٿيو، ??هڙي صورتحال ۾ به افواهه پکيڙيندڙ فيڪٽرين افواهون پکيڙڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو. هو توانائي واري وفاقي وزير عمر ايوب ??ان سان گڏ ملڪ ۾ بجلي جي بندش بابت گڏيل پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪري رهيو هو. وفاقي وزير سينيٽر شبل?? فراز چيو ته بجلي جي پهچ ۾ رڪاوٽ پيدا ٿي، ان دوران ڪيترين ئي ا??واهن جنم ورتو. هن چيو ته بجلي جو شعبو ملڪ ۾ ڪرنگهي جي هڏي جي حيثيت رکي ٿو، ماضي جي حڪومت جنريشن تي ڌيان ڏنو ۽ پهچ ۽ ورڇ جي نظام تي ڌيان نه ڏنو ۽ نه ئي پهچ جي نظام ۾ نئين ٽيڪنالاجي کي متعارف ڪرايو ويو.