اسلام آباد – 21 – جنوري (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته مديني جي رياست انصاف ۽ انسانيت تي ٻڌل حقيقي ??لاحي رياست هئي، نادرا پاران وراثتي سرٽيفڪيٽ 15 ڏينهن ۾ جاري ڪرڻ خوش آئنده آهي. هتي ليٽر آف ايڊمنسٽريشن ۽ وراثتي سرٽيفڪيٽ جاري ڪرڻ جي تقريب کي خطاب ڪندي هن چيو ته مديني جي رياست عوام لاءِ ٺهي هئي?? وقت جي خليفي پنهنجي مٿان پئسو خرچ نه ڪيو، جيڪو عوام تي پئسو خرچ ڪندو هو. هن چيو موجوده حڪومت به عام ماڻهن لاءِ آسانيون پيدا ڪرڻ جون ڪوششون ڪري رهي آهي ۽ سڌارا آڻي رهي آهي ته جيئن عام شهري مستفيد ٿين، هن چيو ته نئون قانون جاري ڪيو ويو آهي، هاڻي وراثتي سرٽيفڪيٽ 15 ڏينهن ۾ ملي ويندو ۽ اوورسيز پاڪس??ان??ز به ان مان فائدو کڻندا. وزيراعظم چيو ته اس??ن جي ملڪ ۾ قبضا گروپ آهن جيڪي قانون جي ڀڃڪڙي ڪندا آهن، اوورسيز پاڪس??ان??ن جي زمينن تي قبضو ڪندا آهن ۽ متاثر ماڻهو پئسا ڏئي قبضو ڇڏرائيندا آهن، هن چيو ته جڏهن اس??ن جو عدالتي نظام بهتر ڪم ڪندو ته ڏوهن ۾ گهٽتائي ايندي.