اسلام آباد – 15 فيبروري (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته جنوري 2021ع ۾ ٻاهرين مل?? پاڪستانين جي مٽاسٽا جي ناڻي جو ڪاٿو 2 ارب 27 ڪروڙ ڊ??لر رهيو جيڪو جنوري 2020ع جي مقابلي ۾ 19 سيڪڙو وڌيڪ ر??يو. پنهنجي ٽوئيٽ ۾ هن چيو ته مٽاسٽا جي ناڻي جو ڪاٿو مسلسل اٺين مهيني به ٻه ارب ڊالر کان وڌيڪ ر??يو جنهن تي آئون پرڏيهي پاڪستانين جو ٿورائتو آهيان، وزيراعظم عمران خان چيو ته هلندڙ مالي سال جي دوران هيستائين پرڏيهي پاڪستانين جي مٽاسٽا جو ناڻو گذريل سال جي انهي مدي جي مقابلي ۾ 24 سيڪڙو وڌيڪ آهي جيڪو هڪ رڪارڊ آهي.