اسلام آباد – 27 – مئي (اي پي پي) سينيٽ ??يئرمين محمد صادق سنجراڻي سان متحده عرب امارات جي سفير حماد عبيد ابراهيم پارليامينٽ هائوس ۾ ملاقات ڪئي ۽ گڏيل دلچسپي جي معاملن سميت خطي جي مجموعي صورتحال تي تفصيلي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. سينيٽ سيڪريٽريٽ موجب سينيٽ ??يئرمين محمد صادق سنجراني چيو ته ??اڪستان متحده عرب امارات سان پنهنجي ويجهي ۽ ڀائراڻي لاڳاپن ۽ تعاون کي انتهائي قدر جي نگاه?? سان ڏسي ٿو ۽ ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ ڀائراڻا لاڳاپا اڌ صدي تي ٻڌل آهن جيڪي قابل فخر آهن، سينيٽ ??يئرمين چيو ته ??تحده عرب امارات ۽ پاڪستان جي وچ ۾ تاريخي، سماجي، ثقافتي ۽ گهڻ رخا لاڳاپا آهن ۽ پارلياماني وفدن جي مٽاسٽا سان موجوده ڀائراڻي لاڳاپن کي وڌيڪ سگهه ملندي.