اسلام آباد – 28 – مئي (اي پي پي) گذريل 24 ڪلاڪن دوران ڪورونا وائرس جي ڪري پنجاب کانپوءِ سنڌ ۾ سڀ کان وڌيڪ فوتگيون رڪارڊ ڪيون ويون. سڄي ملڪ ۾ گذريل 24 ڪلاڪن دوران ڪورونا وائرس سبب 67 فوتگيون ٿيون جنهن مان 33 فوتگيون وينٽي??يٽ??ز تي موجود مريضن جون ٿيون. نيشنل ڪمانڊ اينڊ آپر??شن سينٽر پاران جاري ڪيل انگن اکرن موجب گذريل 24 ڪلاڪن دوران سڄي ملڪ ۾ 2 هزار 482 ماڻهن جا ڪورونا ٽيسٽ مثبت آيا. ملڪ جي چئن وڏن شهرن ۾ وينٽي??يٽ??ز تي ڪووڊ – 19 جي مريضن جي تناسب جي لحاظ کان ملتان ۾ 69 سيڪڙو، لاهور ۾ 39 سيڪڙو، پشاور ۾ 36 سيڪڙو ۽ بهاولپور ۾ 28 سيڪڙو مريض ??هن. اهڙي طرح ملڪ جي چئن وڏن شهرن ۾ آڪسيجن جي سهولت وارن بسترن تي ڪورونا جي مثبت ڪيسن جي تناسب جي لحاظ کان پشاور ۾ 37 سيڪڙو، صوابي ۾ 37 سيڪڙو، گجرانوالا ۾ 40 سيڪڙو، ملتان ۾ 53 سيڪڙو مريض ??هن. گذريل 24 ڪلاڪن دوران ڪوويڊ – 19 جا 51 هزار 625 ٽيسٽ ڪيا ويا جن مان سنڌ ۾ 14 هزار 529، پنجاب ۾ 20 هزار 903، خيبرپختونخواهه ۾ 8 هزار 110، اسلام آباد ۾ 5 هزار 273، بلوچستان ۾ هڪ هزار 450، گلگت بلتستان ۾ 490، آزاد ڪشمير ۾ 870 ٽيسٽ شامل آهن. هيستائين سڄي ملڪ ۾ ڪوويڊ 19 مان صحتياب ٿيندڙن جو انگ 8 لک 34 هزار 586 ٿي چڪو آهي. گگت بلتستان، آزاد ڪشمير ۽ بلوچستان ۾ ڪوويڊ 19 جو ڪو به مريض هن وقت وينٽي??يٽ?? تي نه آهي. جڏهن ته سڄي ملڪ ۾ ڪوويڊ 19 جي لاءِ مخصوص ڪيل وينٽي??يٽ??ز تي ڪوويڊ 19 جا 490 مريض ??هن. سڄي ملڪ ۾ ڪوويڊ 19 جي ايڪٽو ڪيسز جو انگ 58 هزار 611 آهي. سڄي ملڪ ۾ ڪورونا وائرس کان متاثر ماڻهن جو انگ 9 لک 13 هزار 784 آهي جن مان آزاد ڪشمير ۾ 19 هزار 60، بلوچستان ۾ 24 هزار 908، گلگت بلتستان ۾ 5 هزار 545، اسلام آباد ۾ 80 هزار 927، خيبرپختونخواهه ۾ هڪ لک 31 هزار 411، پنجاب ۾ 3 لک 37 هزار 775 ۽ سنڌ ۾ 3 لک 14 هزار 158 مريض ??هن. سڄي ملڪ ۾ ڪوويڊ 19 سبب فوت ٿيندڙن جو انگ 20 هزار 607 آهي.