اسلام آباد – 03 آگسٽ (اي پي پي) گذريل 24 ڪلاڪن دوران ڪورونا وائرس جي ڪري سنڌ کانپوءِ پنجاب ۾ سڀ کان وڌيڪ فوتگيون رڪارڊ ڪيون ويون. سڄي ملڪ ۾ گذريل 24 ڪلاڪن دوران ڪورونا وائرس سبب 67 فوتگيون ٿيون جنهن مان 35 فوتگيون وينٽيليٽرز تي موجود مريضن جون ٿيون. نيشنل ڪمانڊ اينڊ آپريشن ??ين??ر پاران جاري ڪيل انگن اکرن موجب گذريل 24 ڪلاڪن دوران سڄي ملڪ ۾3 هزار 582 ماڻهن جا ڪورونا ٽيسٽ مثبت آيا. ملڪ جي چئن وڏن شهرن ۾ وينٽيليٽرز تي ڪووڊ – 19 جي مريضن جي تناسب جي لحاظ کان ڪراچي ۾ 17 سيڪڙو، پشاور ۾ 28 سيڪڙو، لاهور 21 سيڪڙو ۽ اسلام آباد ۾ 38 سيڪڙو مريض آه??. اهڙي طرح ملڪ جي چئن وڏن شهرن ۾ آڪسيجن جي سهولت وارن بسترن تي ڪورونا جي مثبت ??يس?? جي تناسب جي لحاظ کان ??يب?? آباد ۾ 53، ڪراچي ۾ 57 سيڪڙو، پشاور ۾ 31 سيڪڙو ۽ اسلام آباد ۾ 35 سيڪڙو مريض آه??. گذريل 24 ڪلاڪن دوران ڪوويڊ – 19 جا 49 هزار 798 ٽيسٽ ڪيا ويا جن مان سنڌ ۾ 13 هزار 107، پنجاب ۾ 19 هزار 752، خيبرپختونخواهه ۾ 9 هزار 116، اسلام آباد ۾ 3 هزار 492، بلوچستان ۾ 2 هزار 825، گلگت بلتستان ۾ 936، آزاد ڪشمير ۾ هڪ هزار 570 ٽيسٽ شامل آه??. هيستائين سڄي ملڪ ۾ ڪوويڊ 19 مان صحتياب ٿيندڙن جو انگ 9 لک 44 هزار 275 ٿي چڪو آه??. گگت بلتستان، آزاد ڪشمير ۽ بلوچستان ۾ ڪوويڊ 19 جو ڪو به مريض هن وقت وينٽيليٽر تي نه آه??. جڏهن ته سڄي ملڪ ۾ ڪوويڊ 19 جي لاءِ مخصوص ڪيل وينٽيليٽرز تي ڪوويڊ 19 جا 325 مريض آه??. سڄي ملڪ ۾ ڪوويڊ 19 جي ايڪٽو ڪيسز جو انگ 75 هزار 373 آه??. سڄي ملڪ ۾ ڪورونا وائرس کان متاثر ماڻهن جو انگ 10 لک 43 هزار 277 آه?? جن مان آزاد ڪشمير ۾ 25 هزار 34، بلوچستان ۾ 30 هزار 627، گلگت بلتستان ۾ 8 هزار 318، اسلام آباد ۾ 88 هزار 344، خيبرپختونخواهه ۾ هڪ لک 45 هزار 306، پنجاب ۾ 3 لک 58 هزار 387 ۽ سنڌ ۾ 3 لک 87 هزار 261 مريض آه??. سڄي ملڪ ۾ ڪوويڊ 19 سبب فوت ٿيندڙن جو انگ 23 هزار 529 ٿي چڪو آه??.