صوابي– 05 آگسٽ (اي پي پي) قومي اسيمبلي جي اسپيڪر اسد قيصر چيو آهي ته 7 ڏهاڪا گذري وڃڻ جي باوجود ڪشميرين جي آزادي جي جدوجهد ۾ ڪا به گهٽتائي ناهي آئي، عالمي ادارا ڪشميرين تي ڀارتي ظلم جو نوٽيس وٺن پاڪس??ان دنيا ۾ تيزي سان ماحولياتي تبديلين کان متاثر ٿيندڙ ملڪ آهي، خيبرپختونخوا حڪومت ۾ وزيراعظم عمران خان جي قيادت ۾ بلين ٽري سونامي منصوبي جو آغاز ڪيو ويو، بلين ٽري سونامي منصوبي مان 3 لک 50 هزار ايڪڙ زمين جي واڍي کي روڪيو ويو. جامع صوابي ۾ وڻڪاري مهم جي سلسلي ۾ اسپيڪر ٻوٽو لڳايو. ان موقعي تي اسپيڪر چيو ته بلين ٽري سونامي منصوبي جي ڪاميابي جو اعتراف عالمي اداران ڪيو. خيبرپختونخوا دنيا جو واحد صوبو بڻجي ويو آهي جنهن ”بون چئلينج“ وقت کان پهرين مڪمل ڪيو. هن چيو ته عوام کي درخواست ڪريان ٿو ته وزيراعظم جي ويزن موجب ”بلين ٽري سونامي“ ۾ وڌي چڙهي ح??و وٺن ته جيئن پنهنجي ٻارن ۽ ايندڙ نسلن کي هڪ سرسبز ۽ صاف پاڪس??ان ڏئي سگهون. هن چيو ته اڄ 5 آگسٽ استحصال ڪشمير ڏهاڙي جي موقعي ڀارت جي غير آئيني ۽ غير انساني قدمن جي پرزور مذمت ڪريان ٿو. وزيراعظم عمران خان ۽ پاڪس??ان حڪومت پنهنجي مظلوم ڪ??ميرين ڀائرن سان ڪلهو ڪلهي ۾ ملائي بيٺل آهي. وزيراعظم عمران هر فورم تي مظلوم ڪ??ميرين جي لاءِ آواز اٿاريو آهي.