اسلام آباد – 20 آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان ??ان خيبرپختونخوا جي وڏي وزير محمود خان ملاقات ڪئي. وزيراعظم ميڊيا آفيس موجب ملاقات ۾ وزيراعظم کي صوبي ۾ زراعت ۽ سياحت جي فروغ لاءِ جاري ڪوششن کان آگاهه ڪيو ويو. وزيراعظم کي ٻڌايو ويو ته گومل زام ڊيم منصوبي ??ان صوبي جي 160،000 ايڪڙ زمين پوکي جي ق??بل بڻجندي جڏهن ته سي آر بي سي لفٽ ڪينال منصوبي جي ذريعي 300،000 ايڪڙ زمين آباد ٿي سگهندي. وزيراعظم وڏي وزير کي هدايت ڪئي ته انهن منصوبن کي جلد کان جلد مڪمل ڪيو وڃي. وڏي وزير وزيراعظم کي اهو به ٻڌايو ته هلندڙ مالي سال ۾ خيبرپختونخوا صوبي ۾ 27 لک سياح سير ۽ تفريح لاءِ آيا جنهن ??ان 66 ارب روپين جو روينيو حاصل ٿيو آهي.