اسلام آباد – 13 آگسٽ (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين چ??و آهي ته ڪيبل جي ڊجيٽلائيزيشن حڪومت جو وڏو پاليسي فيصلو آهي، ڪيبل جي ڊجيٽلائيزيشن کانپوءِ چئنل جي ريٽنگ ۾ شفافيت ٿيندي، ڪيبل آپريٽرز کي ڪامياب جوان پروگرام تحت قرض فراهم ڪيا ويندا جنهن سان ڪيبل آپريٽيرز کي ڊجيٽل باڪس خريد ڪرڻ ۾ آساني ٿيندي ۽ اها ر??م اهي پنهنجي صارفين کان وصول ڪري واپس ڪري سگهندا. اها ڳالهه هن هتي ڪيبل آپريٽرز ايسوسيئيشن آف پاڪستان جي چي??رم??ن خالد آرائين سان ڳالهائيندي چئي. اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته ملڪ ۾ 4026 ڪيبل آپريٽرز مو??ود آهن، اسان جو مقصد ڪيبل آپريٽرز کي جديد دور جي گهرجن سان هم آهنگ ڪندي عوام کي ڊجيٽل ڪيبل جي فراهمي ممڪن بڻائڻ آهي، هن چ??و ته حڪومت ميڊيا ڊولپمينٽ اٿارٽي جي قيام لاءِ ڪوششون ڪري رهي آهي، ڪيبل آپريٽرز اسٽيڪ هولڊرز طور تي اٿارٽي جي قيام جي حوالي سان پنهنجون تجويزون ڏين، اطلاعات واري وفاقي وزير پيمرا چي??رم??ن کي هدايت ڪئي ته هو ڪيبل آپريٽرز سان ملاقات ڪري ڪيبل جي ڊجيٽلائيزيشن جي حوالي سان معاملن کي حتمي شڪل ڏي.