ڪراچي – 28 آگسٽ (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي ته ٽيڪسيشن جو نظام منصفاڻو هجڻ گهرجي، وفاقي محتسب جهڙن ادارن بابت عوام ۾ آگاهي جي ضرورت آهي، محتسب جا ادارا عوام جا نمائنده آهن، عوام جي لاءِ سوچين ٿا، جڏهن رياست جو ڪردار فلاحي هجي ته ??وام خيرات ۽ زڪوات وانگر ٽيڪس ڏيندي فخر محسوس ڪندي. هو ٽيڪس نظام بابت آگاهي سيمينار کي خطاب ڪري رهيو هو. هن چيو ته هڪ سال ۾ سڄي پاڪستان مان ڪم وارين جاين تي عورتن کي هراسان ڪرڻ جي حوالي سان رڳو 100 شڪايتون مليون، ??ن جو بنيادي سبب عوام کي آگاهي نه هجڻ آهي، آئون جڏهن صدر بڻيس ته مون کي ان وقت وفاقي محتسب جي اداري جي ڪم جي حوالي سان آگاهي ملي. هن چيو ته وفاقي محتسب ۾ شڪايتن سان ماڻهو پاڻ گهٻرائين ٿا جڏهن ته وفاقي محتسب جو ادارو سرڪاري ادارن بابت شڪايتن جو ازالو ڪري ٿو. هن چيو ته ??يڪڏهن وفاقي محتسب جي سٺن فيصلن جون خبرون ڇپيون ته ??ن سان به عوام ۾ آگاهي ايندي، اس??ن جي ملڪ ??ي بدقسمتي آهي ته هتي اڳ ۾ غلط رستو ڏيکارڻ ۽ ان مان نڪرڻ جي لاءِ به پئسو ورتو وڃي ٿو، اسان کي انهن رستي ڏيکاريندڙن کي پڪڙڻو آهي. هن چيو ته ٽيڪس جي ادارن س??ن جيڪو ڳالهه ٻولهه جو عمل شروع ٿيو آهي اهو سٺو قدم آهي، وفاقي بجيٽ کان اڳ يا پوءِ جڏهن واپارين سان ملاقات ٿئي ٿي ته ??هي چون ٿا ته ??سان ٽيڪس ڏيڻ چاهيون ٿا جڏهن ته ??ن عمل کي آسان بڻايو وڃي. هن چيو ته ??هو مطالبو جائز آهي ته گهٽ ٽيڪس هنيا وڃن پر اهو صحيح نه آهي ته ??سان اهو چئون ته ٽيڪس نه هنيو وڃي، ٽيڪس جو نظام اسلام جي شروعاتي دور کان هلندو پيو اچي، فلاحي ٽيڪس ۽ زڪوات ٻه جدا جدا شعبا هئا، ڀارت جي سمورن بادشاهن جي دورن ۾ به ٽيڪس جو نظام لاڳو رهيو. صدر چيو ته معيشت کي ڊيجيٽلائيز ڪرڻ سان آسانيون ٿي سگهن ٿيون، اسان کي آسانيون پيدا ڪرڻ جي لاءِ ٽولز استعمال ڪرڻا پوندا، ٽيڪس ٽو جي ڊي پي جي شرح 10 سيڪڙو آهي جيڪا انتهائي گهٽ آهي ??ن جو هڪ بنيادي سبب اعتماد جي کوٽ آهي ڇو ته ??يڪڏهن رياست يا حڪومت بدعنوان هجي ته ??عتماد نه ٿو رهي. صدر چيو ته ??يڪڏهن اهو تاثر هجي ته ٽيڪس ذريعي اصل آمدني رياست انصاف سان خرچ ڪندي ته ماڻهو ٽيڪس ڏيندا، اسان پنهنجي دور ۾ ڪفايت شعاري اختيار ڪئي، آئون پنهنجو کايان ٿو ۽ ڪئمپ آفيس ڪراچي ۾ به پنهنجو خرچ ڪندو آهيان. هن چيو ته مديني جي رياست جي ڪاميابي جو بنيادي سبب اهو هو ته هتي حضرت عائشه رضه وٽ ڏينهن جو 5 لک آيا ۽ رات جو ان وٽ کائڻ جي لاءِ هڪ ماني هئي. صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو ته ??در جو عهدو سنڀاليندي ٽي سال ٿيڻ وارا آهن جڏهن ته ڪو فائيل هڪ ڏينهن کان وڌيڪ منهنجي ميز تي نه ٿو رهي ڇو ته مون وٽ ايندڙ فائيلن تي تمام گهڻو ڪم ٿي چڪو هوندو آهي. هن چيو ته وفاقي محتسب پاران 50 ڏينهن ۾ فيصلي جو قدم اهم آهي جڏهن 10، 10 سال فيصلن ۾ لڳن ته ??ن تي ڏنڊ ادا ڪرڻ جي هدايت ڪئي. هن چيو ته ??ئون به ٽيڪس آگاهي جي لاءِ جتي موقعو مليو ڳالهه ڪندو آهيان. وفاقي محتسب ريليف فراهم ڪرڻ جو هڪ فورم آهي، محتسب جا ادارا عوام جا نمائندا آهن، اهي عوام جي لاءِ سوچين ٿا. هن چيو ته ٽيڪس ڏيندڙن سان وڌ کان وڌ تعلق ٺاهڻ جي ضرورت آهي، عوام جي خدمت رياست جو ڪم آهي. هن چيو ته ??يڪڏهن ڪير سٺو ڪمائي ٿو ته ??ن وٽ وسيلا نه آهن انهن تي لڳائڻ جي لاءِ اهو ٽيڪس ڏي، ميرٽ ??ي بنياد تي ٻين کي رستو ڏيڻ ٽيڪس جو تصور آهي. هن چيو ته ??سرندڙ ملڪن مان 100 سالن کان سرمايو ڦري ترقي يافته ملڪن ۾ کڻي وڃڻ جو سلسلو لاڳو هو، هاڻي دنيا ۾ ??ن جي روڪٿام جي سوچ وڌي رهي آهي. هن چيو ته ??هڙي طرح اسان خيرات ڪرڻ تي فخر ڪريون ٿا جيڪڏهن رياست جو ڪردار فلاحي هجي ته ??هڙي طرح اسان ٽيڪس ادا ڪرڻ تي به فخر ڪنداسين.