ڪراچي – 12 – آڪٽوبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چي?? آهي ته پاڪستاني قوم ماحوليات جي شعبي جي بهتري جو ڪم هڪ جذبي تحت شروع ڪيو آهي، وزيراعظم عمران خان خيبرپختونخواهه ۾ ص??با??ي حڪومت جي دوران ماحول جي بهتري لاءِ بلين ٽري سونامي منصوبو شروع ڪيو. مزار قائد جي اڱڻ ۾ جناح اربن فاريسٽ جي افتتاحي تقريب کي خطاب ڪندي هن چي?? ته منهنجي دور ۾ ايوان صدر ۾ اٽڪل 10 هزار ٻوٽا لڳايا ويا آهن. هن چي?? ته ڪراچي ۾ هڪ لک کان وڌيڪ ٻوٽا شهرين کي گهر جي درن تي فراهم ڪيا ويا آهن. ان کانپوءِ هڪ نئين سوچ تهت پنسلون سان گڏ ٻج لڳائي اسڪولن ۾ ورهايا ويا آهن. صدر ڊاڪٽر عارف علوي چي?? ته نه رڳو ٻوٽا ورهايا ويا آهن پر اسڪولن ۾ هر ڪلاس جي سطح تائين وڻڪاري دوران نوان لڳايا ويندڙ ٻوٽن جي حفاظت جي ذميواري پڻ شاگردن کي ڏني وئي آهي. هن چي?? ته شهر ۾ ڪار??با??ي، سماجي ذميواري جي بنياد تي 15 ايڪڙ زمين تي مياواڪي ٻيلو لڳائڻ جي لاءِ پڻ ڪوششون ڪيون پيون وڃن. هن چي?? ته ڪوويڊ 19 جي وبا دوران سڄي دنيا ۾ ماحول بهتر ٿيو آهي جنهن جو مطلب آهي ته قدرت اسان کي ماحوليات جي شعبي تي ڌ??ان ڏيڻ جا اشارا ڪري رهي آهي. ڊاڪٽر عارف علوي افسوس جو اظهار ڪندي چي?? ته اسان جا سياح غيرذميواري جو مظاهرو ڪندي سياحتي جاين تي ڪچرو اڇلائي ڇڏين ٿا. هن چي?? ته پاڪستان ۾ ئي نه پر عالمي سطح تي اهو هڪ مسئلو بڻجي چڪو آهي ۽ سياحتي جاين تي اڇلايو ويندڙ ڪچري کي گڏ ڪري ٺڪاڻي لڳائڻ هڪ مسئلو بڻجي چڪو آهي. صدر ڊاڪٽر عارف علوي چي?? ته اهو تاثر غلط آهي ته حڪومت پنهنجي وڌيڪ بجيٽ دفاع تي خرچ ڪري ٿي جڏهن ته حقيقت ??ها آهي ته حڪومت بجيٽ جو هڪ وڏو حصو تعليم تي خرچ ڪري ٿي.