اسلام آباد – پهرين ڊسمبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فو??د حسين چي?? آهي ته پروٽيڪشن آف جرنلسٽس اينڊ ميڊيا پروفيشنلز ايڪٽ 2021ع تحت پهريون ڀيرو پاڪستان ۾ ورڪنگ جرنلسٽس کي اهي حق فراهم ڪيا ويا آهن جيڪي فرسٽ ورلڊ جي صحافين کي دستياب آهن، حڪومت ۽ اطلاعات واري وزارت جو فرض آهي ته اهي ورڪنگ جرنلسٽس جي پٺي??ن بيٺل هجن، اسان پنهنجي ميڊيا جي آزادي جي ڀيٽ ٿرڊ ورلڊ ۽ مسلم ورلڊ سان نه پر فرسٽ ورلڊ سان ڪريون ٿا. اها ڳالهه هن ايوان صدر ۾ پروٽيڪشن آف جرنلسٽس اينڊ ميڊيا پروفيشنلز ايڪٽ 2021ع تي صحيحن واري تقريب کي خطاب ڪندي چئي. اطلاعات واري وفاقي وزير چي?? ته پروٽيڪشن آف جرنلسٽس اينڊ ميڊيا پروفيشنلز ايڪٽ 2021ع جو ڪريڊٽ انساني حقن واري وفاقي وزير ڊاڪٽر شيرين مزاري کي وڃي ٿو. هن چي?? ته جڏهن هو 2018ع ۾ اطلاعات وارو وزير بڻيو ته ان جو آئيڊيا ان جي ذهن ۾ آيو، هن اهو ڪم انساني هقن واري وفاقي وزير جي حوالي ڪيو جنهن ان ايڪٽ جي تياري ۾ اڻٿڪ ڪوشش ڪئي جنهن تي سندس ٿورائتا آهيون. هن چي?? ته حڪومت ۽ اطلاعات واري وزارت جو فرض آهي ته اهي ورڪنگ جرنلسٽس جي پٺي??ن بيٺل هجن. ان ايڪٽ جي تياري ۾ صحافي تنظيمن سميت صحافين جي سمورن گروپس سان مشاورت ڪئي وئي. چوڌري فو??د حسين چي?? ته پاڪستان ۾ هڪ طبقو اهو تاٿر ڏيڻ جي ڪوشش ڪري ٿو ته هتي پريس کي آزادي حاصل نه آهي، جيڪڏهن پاڪستان ۾ پريس فري نه آهي ته دنيا ۾ ڪٿي به پريس فري نه هوندي. هن چي?? ته جڏهن پريس جي آزادي جي ڳالهه اچي ٿي ته اسان پنهنجي ڀيٽ ٿرڊ ورلڊ ۽ مسلم ورلڊ سان نه پر فرسٽ ورلڊ سان ڪريون ٿا. هن چي?? ته اسان وٽ ڊيفيميشن لاز نه آهن، فرسٽ ورلڊ ۾ جيڪڏهن توهان جي خلاف خبر ڏي ته اتي ڊيفيميشن لاز اڳيان اچي وڃن ٿا، اهڙي طرح اسان جي پريس کي فرسٽ ورلڊ ک??ن به وڌيڪ آزادي حاصل آهي. چوڌري فو??د حسين چي?? ته انهن آزادين جو ٻيو رخ اهو آهي ته اسان انهن آزادين کي سيٺن جي لاءِ مخصوص ڪري ڇڏيو آهي، ورڪنگ جرنلسٽس کي جيڪي حق ملڻ گهرجن ها اهي نه ملي رهيا هئا. اسان ميڊيا پروفيشنلز ايڪٽ تحت ورڪنگ جرنلسٽس کي حق ڏيڻ جي ڪوشش ڪئي آهي. اطلاعات واري وفاقي وزير چي?? ته جڏهن ڪو ڪئميره مين ڪنهن ايونٽ تي ڪوريج جي لاءِ وڃي ٿو ته ڪئميرا بچائڻ ان کي پنهنجي جان ک??ن به وڌيڪ عزيز هوندو آهي، اسان ان ايڪٽ تحت لازمي ڪري ڇڏيو آهي ته ميڊيا مالڪ ڪئميره مينن کي اهڙن ايونٽس تي موڪليندا ته انهن جي ذميواري هوندي ته اهي پنهنجي ڪئميرا مينن کي تحفظ فراهم ڪندا. هن چي?? ته ميڊيا پروفيشنلز ايڪٽ ۾ ورڪنگ جرنلسٽس جي ملازمت کي به تحفظ ڏنو ويو آهي. شڪايتن جي لاءِ هڪ آزاد ڪميشن هوندو جيڪو شڪايتن جو 14 ڏينهن جي اندر فيصلو ڪندو. ان ايڪٽ ۾ ورڪنگ جرنلسٽس کي مالڪن ۽ حڪومتي آفيسرن ک??ن به تحفظ حاصل هوندو، ڪيترائي آفيسر نه ٿا چاهين ته انهن جي کاتن ۾ ڪرپشن جون خبرون اخبارن ۾ اچن. هن چي?? ته ان قانون جي ذريعي اسان اهڙو ماحول جوڙڻ جي ڪوشش ڪئي آهي ته صحافين کي فرسٽ ورلڊ جي صحافين جي طرز تي تحفظ فراهم ڪري سگهجي. ان ايڪٽ تحت صحافي جي هڪ ٺوس تعريف ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وئي آهي، ان جو فائدو ورڪنگ جرنلسٽس کي ٿيندو جيڪي واقعي ڪم ڪري رهيا آهن. هن چي?? ته تجويز ڪيل پاڪستان ميڊيا ڊيولپمينٽ اٿارٽي بابت جوائنٽ ايڪشن ڪميٽي ۽ پي ايف يو جي سان اسان جي ڳالهه ٻولهه هلي رهي آهي، ان تي اسان تمام ويجهو آهيون، اسان جلد متفقه قانون آڻينداسين. چوڌري فو??د حسين چي?? ته وزيراعظم جتي به ذميواري لڳائي، اسان جي ڪوشش هوندي آهي ته ان حوالي سان ڪا نمايان تبديلي کڻي اچون. ان ايڪٽ جي لاءِ انساني حقن واري وفاقي وزير ڊاڪٽر شيرين مزاري تمام گهڻي محنت ۽ ڪوشش ڪئي آهي جنهن تي انهن جا ٿورائتا آهيون.