اسلام آباد – 23 ڊسمبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان اڄ خ??يس تي لاهور جو هڪ ڏينهن جو دورو ڪندو، وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ موجب وزيراعظم لاهور ۾ اسپيشل ٽيڪنالاجي زون لاهور ٽيڪنا پولس جو ا??تتاح ڪندو. ٽيڪنالاجي زون جي تعمير لاهور نالج پارڪ ڪمپني تحت ٿي آهي جتي وڏي پئماني تي ٽيڪنالاجي جي شعبي ۾ برآمدي صلاحيت وڌائڻ لاءِ س??ڙپڪاري ڪئي پئي وڃي، ان موقعي تي ٽيڪنالاجي زو?? ۾ ??م ڪرڻ لاءِ 12 ڪمپنين کي لائسنس جاري ڪيا ويندا، وڌيڪ ملڪ جي ٻين حصن ۾ ٽي ٽيڪنالاجي زونز جي تعمير لاءِ 300 ملين ڊالر جي سيڙپڪاري جي مفاهمتي يادداشتن تي صحيحون به ڪيون وينديون. وزيراعظم ان موقعي تي خطاب به ڪندو. وزيراعظم لاهور ۾ اهم اجلاسن جي صدارت ڪندو، ان کانپوءِ وزيراعظم گورنمينٽ ڪاليج يونيورسٽي نيو ??يم??س ۽ ابو ا??حسن الشاذلي ريسرچ سينٽر آن صوفي ازم، سائنس اينڊ ٽيڪنالاجي جو ا??تتاح ڪندو.