اسلام آباد – 24 جنوري (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان خصوصي اقتصادي زونز جي حوالي سان م??ئل?? کي ترجيحي بنيادن تي حل ڪرڻ ۽ سيڙپڪارن جي سهولت جي ??دمن تي مقرر ڪيل مدي ۾ عملدرآمد کي يقيني بڻائڻ جي ??دايت ڪئي آهي. وزيراعظم عمران خان جي صدارت ۾ اسپيشل اڪنامڪ زونز تي اعليٰ سطحي اجلاس منعقد ٿيو جنهن ۾ وزيراعظم ک?? اسپيشل اڪنامڪ زونز ۾ سيڙپڪارن جي سهولت لاءِ حڪومت جي کنيل قدمن کان تفصيلي طور ت?? آگاهه ڪيو ويو، اجلاس کي ٻڌايو ويو ته رشڪئي، بولان ۽ علامه اقبال انڊسٽريل سٽي مڪمل طور ت?? فعال ٿي چڪا ۽ اتي صنعتن جي تعمير ت?? تيزي سان ڪم جاري آهي، ڌاٻيج?? اسپيشل اڪنامڪ زونز تي به ڪم تيزي سان جاري آهي ۽ ان کي جلد فعال بڻايو ويندو، اجلاس ک?? اسپيشل اڪنامڪ زونز ۾ صنعتن لاءِ موجود زمين ۽ 130 ڪمپنين کي صنعتن جي تعمير لاءِ 1500 ايڪڙ زمين جي 2021ع ۾ منظوري ۽ الاٽمينٽ جي حوالي سان به آگاهه ڪيو ويو، اجلاس کي ٻڌايو ويو ته فعال اسپيشل اڪنامڪ زونز ۾ بجلي ۽ گئس جي ??راهمي يقيني بڻائي وئي آهي، وزيراعظم خصوصي اقتصادي زونز جي حوالي سان م??ئل?? کي ترجيحي بنيادن تي حل ڪرڻ ۽ سيڙپڪارن جي سهولت جي ??دمن تي مقرر مدي ۾ عملدرآمد کي يقيني بڻائڻ جون هدايتون جاري ڪيون. اجلاس ۾ وفاقي وزير اسد عمر، حماد اظهر، چوڌري فواد حسين، قومي سلامتي واري صلاحڪار معيد يوسف، سيڙپڪاري بورڊ جي چيئرمين اظفر حسن ۽ لاڳاپيل اعليٰ عملدارن شرڪت ڪئي.