ڪراچي – 05 – مارچ (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي ته جنگ ڪنهن به مسئلي جو حل نه آهي پر ڳالهه ٻولهه ذريعي ئي پائي??ار امن قائم ڪرڻ ۽ مسئلن جو حل ممڪن آهي. اها ڳالهه هن ڪراچي ۾ انسٽيٽيوٽ آف بزنس ايڊمنسٽريشن (آءِ بي اي) ۾ شاگردن کي خطاب ڪندي چئي. صدر چيو ته پاڪستان هڪ پرامن ملڪ آهي، روس ۽ يوڪرين جي وچ ۾ تڪرار کي پرامن طريقي ??ان حل ڪرڻ تي يقين رکي ٿو. هن چيو ته پهرين ۽ ٻي عظيم جنگ ۾ لکين ماڻهن پنهنجون جانيون قربان ڪيون. ڊاڪٽر عارف علوي چيو ته نيوڪليئر ٽيڪنالاجي جي اچڻ کانپوءِ ڪا به جنگ دنيا جي بقاءَ لاءِ خطري جو ??بب ٿي سگهي ٿي. آءِ بي اي جي ايگزيڪيوٽو ڊائريڪٽر اڪبر زيدي چيو ته ڳالهه ٻولهه جي رجحان جي فروغ لاءِ سندن ادارو ميونڪ جي نالي ??ان هر تقريب منعقد ڪري ٿو جنهن ۾ ٻاهرئين ملڪ مان به شاگرد حصو وٺن ٿا. آءِ بي اي جي ڊائريڪٽر هما بقائي چيو ته ملڪن جي وچ ۾ تڪرارن جي فوري حل ??ان ئي پائي??ار امن کي يقيني بڻائي سگهجي ٿو.