اسلام آباد – 29 – مارچ (اي پي پي) منصوبابندي، ترقي، سڌارن ۽ خصوصي قدمن واري وفاقي وزير اسد عمر چيو آهي ته ڪجهه ماڻهن کي اعتراض آهي ته وزيراعظم ???ڌمڪي آميز خط“ کين نه ڏيکاريو، ان لاءِ وزيرا??ظم اهو خط سپريم ڪورٽ ۾ پيش ڪرڻ لاءِ تيار آهي، ان ۾ صاف لفظن ۾ لکيو ويو آهي ته جيڪڏهن بي اعتمادي رٿ ڪامياب نٿي ٿئي ۽ عمران خان وزيرا??ظم رهي ٿو ته ان جي نتيجا خطرناڪ هوندا، وزيرا??ظم عمران خان جي مقبوليت جي ڪري ٻاهريان عنصر ڊنل آهن، خط ۾ مرڪزي ڪردار نواز شريف آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسي?? سان گڏ پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي ڪيو، هن چيو ته وزيرا??ظم پنهنجي جلسي ۾ هڪ خط جو ذڪر ڪيو هو جنهن ۾ هن چيو هو ته بي اعتمادي رٿ ۾ ٻاهريان هٿ شامل آهن، اسد عمر چيو ته ڪجهه ماڻهو چئي رهيا آهن ته اسان کي خط ڇو نه ڏيکاريو پيو وڃي، ڪجهه راز قومي نوعيت جا هوندا آهن، وزيرا??ظم مون کي چيو ته جيڪڏهن ڪنهن کي شڪ آهي ته اسان اهو خط سپريم ڪورٽ جي چيف جسٽس کي ڏيکارڻ لاءِ تيار آهيون، ان تي سڀني کي اعتماد آهي، هن چيو ته مون کي اجازت نه آهي ته ان خط ۾ لکيل لفظ ٻڌائي سگهان پر اهم ڳالهيون ورجايان ٿو، اهو حصو جيڪو بي اعتمادي سان جڙيل آهي ان جون اهم ڳالهيون ڇا آهن، هن چيو ته ان خط جي تاريخ بي اعتمادي رٿ پيش ٿيڻ کان اڳ جي آهي، اها اهم ان لاءِ آهي ته ان خط ۾ سڌو سنئون بي اعتمادي رٿ جو ذڪر آهي، ان کان به وڌيڪ اهم ڳالهه اها آهي ته ان ۾ صاف لظن ۾ لکيو ويو آهي ته جيڪڏهن بي اعتمادي رٿ ڪامياب نه ٿي ۽ عمران خان وزيرا??ظم رهي ٿو ته ان جا نتيجا خطرناڪ هوندا. هن چيو ته وزيرا??ظم جي مقبوليت جي ڪري ٻاهريان عنصر ڊنل آهن، خط ۾ مرڪزي ڪردار نواز شريف آهي، پي ڊي ايم ظاهر آهي ان ڳالهه کان لاعلم نه آهي، هن چيو ته 27 مارچ جي جلسي ۾ لکين ماڻهو پهتا، امربالمعروف جلسي ۾ نظر آيو قوم وزيرا??ظم عمران خا?? سان گڏ بيٺل آهي، هن چيو ته خط ۾ ڪيل ڳالهيون پاڪستان جي پرڏيهي پاليسي سان جڙيل آهن، ٻاهريان هٿ ۽ بي اعتمادي رٿ پاڻ ۾ جڙيل آهن، نواز شريف جون ملاقاتون وزيرا??ظم جي خلاف بي اعتمادي رٿ جو حصو آهن، پي ڊي ايم جي سينئر قيادت ان ڳالهه کان بي خبر نه آهي، خط جو سڌو سنئون تعلق عوام سان به آهي، اسد عمر چيو ته وزيرا??ظم عمران خان عوام کي آگاهه ڪرڻ ضروري سمجهي ٿو، مخالف ڌر جي ڪجهه ماڻهن کي خبر نه آهي ته بي اعتمادي رٿ جي پويان ڪير آهي، اهي ماڻهو لاعلمي جي ڪري ا?? سازش جو حصو آهن، هن چيو ته اسيمبلي جا سمورا چونڊيل ميمبر محبت وطن آهن، مخالف ڌر پاران نواز شريف کلي عام ٻاهرين قوتن جو آله ڪار آهي.