اسلام آباد – 20 – اپريل (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير مري?? اورنگزيب چيو آهي ته وزيراعظم هائوس کانسواءِ ڪنهن ٻي جڳهه کي ڪئمپ آفيس ڊڪليئر ناهي ڪيو ويو، بي بنياد ۽ هٿ ٺوڪيون خب??ون نه پکيڙيون وڃن. اهڙن خيالن جو اظهار هن پنهن??ي بيان ۾ ڪيو. اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چيو ته وزيراعظم شهباز شريف جي وزارت عظميٰ جو عهدو سنڀالڻ کانپوءِ ميڊيا ?? سماجي رابطن جي ويب سائيٽس تي بي بنياد ۽ هٿ ٺوڪيون خب??ون پکيڙڻ جو سلسلو رڪجڻ گهرجي. هن چيو ته وزيراعظم هائوس کانسواءِ ڪنهن ٻي جڳهه کي ڪئمپ آفيس ڊڪليئر ڪرڻ جون خب??ون بي بنياد ۽ ڪوڙ تي ٻڌل آهن، پوليس فو??س ۽ انتظامي عملي جي ڪنهن به جڳهه مقرري جي خب??ن ۾ به ڪنهن قسم جي صداقت نه آهي. سندس چوڻ هو ته ايڊيٽوريل لکندڙ ۽ ميڊيا جي ساٿين کي گذارش آهي ته اهڙي ڪا به بي بنياد خب?? نشر ڪرڻ کان اڳ تصديق ڪري وٺو، سوشل ميديا صارفين کي به گذارش آهي ته اهڙي منفي پروپئگنڊه کي رد ڪري ڇڏين.