اسلام آباد – 06 مئي (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چ??و آهي ته اسلامي تعليم، تاريخ، ت??دن ۽ اسلامي معاشرن جي ڳانڍاپي کي اجاگر ڪرڻ ۾ اسان جي ميڊيا جو اهم ڪردار آ??ي، ڪورونا رليف فنڊ جي حوالي سان پاڪستانين جو جذبو ساراهه جوڳو آ??ي، انسانيت جي خدمت جو اهو ئي جذبو اسان جي معاشري جي اصل طاقت ۽ خوبي آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب اهڙن خيالن جو اظهار هن سينيٽر فيصل جاويد سان ملاقات دوران ڪيو. ملاقات ۾ مسلمان ملڪن جي وچ ۾ تهذيب ۽ ثقافت ۽ فنون لطيفه جي شعبي ۾ تعاون کي فروغ ڏيڻ جي حوالي سان ڳالهه ٻولهه ڪئي وئي. ملاقات ۾ خاص طور تي ڪورونا رليف فنڊ جي حوالي سان پڻ ڳالهه ٻولهه ڪئي وئي. وزيراعظم عمران خان چيو ته اسلامي تعليم، تاريخ، ت??دن ۽ اسلامي معاشرن جي ڳانڍاپي کي اجاگر ڪرڻ ۾ اسان جي ميڊيا جو اهم ڪردار آهي. هن چيو ته موجوده دور ۾ ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته انسانيت جي احترام ۽ احساس تي ٻڌل قدرن کي اجاگر ڪيو وڃي.