اسلام آباد – 22 جولاءِ (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان پنجاب صوبي ۾ معياري صحت جي سه??لتن ۽ اسپتالن جي تعمير سان گڏوگڏ موجوده اسپتالن جي بهتر انتظام ۽ انهن ۾ سه??لتن جي فراهمي تي خاص ڌيان ڏيڻ تي زور ڏيندي هدايت ڪئي آهي ته اسپتالن ۽ خاص طور تي نئين قائم ڪيل صحت جي مرڪزن جي انتظام کي ج??يد بنيادن تي ۽ منظم طريقي سان هلائڻ تي خاص ڌيان ڏنو وڃي، ان سلسلي ۾ نجي شعبي جي حصيداري جي حوصلا افزائي ڪئي وڃي. هو پنجاب صوبي ۾ صحت جي شعبي جي اپ گريڊيشن جي حوالي سان اجلاس جي صدارت ڪري رهيو هو. وزيراعظم کي پنجاب صوبي ۾ صحت جي شعبي جي بهتري ۽ اپ گريڊيشن خاص طور تي وفاق جي مدد سان صحت جي مختلف منصوبن تي عملدرآمد ۽ انهن جي عوام جي لاءِ ثمرن تي تفصيلي بريفنگ ڏني وئي. وزيراعظم کي ٻڌايو ويو ته صحت جي معياري سه??لتن جي فراهمي جي حوالي سان گوجرانوالا، لاهور، بهاولنگر، ليه، راجن پور، اٽڪ، ميانوالي، چڪوال جهڙ شهرن ۾ مختلف اسپتالن ۽ صحت جي ج??يد مرڪزن خاص طور تي ماءُ ٻار جي اسپتالن ۽ نرسنگ ڪاليجز جو قيام عمل ۾ آندو پيو وڃي جن جي ڪل لاڳت 80 کان 90 ارب رپيا آهي. هلندڙ سال انهن تي اٽڪل 17 ارب رپيا خرچ ڪيا ويندا جنهن جي لاءِ وفاقي حڪومت جو تعاون گهربل آهي. وزيراعظم اجلاس کي خطاب ڪند?? چيو ته بدقسمتي سان ماضي ۾ صحت جي معياري سه??لتن جي دستيابي خاص طور تي پنجاب جي گهٽ ترقي يافته علائقن ۾ دستيابي کي نظرانداز ڪيو ويندو رهيو. هن چيو ته ماءُ ۽ ٻار جي صحت بابت صحت جي مرڪزن تي خاص ڌيان ڏنو وڃي ڇو ته ا?? شعبي ۾ سه??لتون ناڪافي آهن.