اسلام آباد – 14 سيپٽمبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي سان اڳوڻي پارلياماني سيڪريٽري خليل جارج جي سربراهي ۾ اقليتي برادري جي وفد ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ خليل جارج، سردار رنجي?? سنگهه، ولسن وزير ۽ اقليتي برادري جا ٻيا ميمبر شريڪ هئا. ان موقعي تي صدر چيو ته پاڪستان ۾ اقليتي برادري کي برابر شهري حق حاصل آهن، حڪومت اقليتن جي حقن جي تحفظ جي لا??ِ ڪوششون ڪري رهي آهي. هن چيو ته ڀارت ۾ اقليتن کي رياستي دهشتگردي درپيش آهي. ان موقعي تي ڳالهائيندي خليل جارج چيو ته اقليتي برادري هر فورم تي اقليتن جي خلاف ڀارتي سيڪيورٽي فورسز جي ظلمن کي اجاگر ڪندي ته جيئن ڀارت جو اصل چهرو بي نقاب ٿي سگهي. سردار رنجي?? سنگهه چيو ته ڪرتارپور لنگهه کولڻ تي سک برادري پاڪستان جي حڪومت جي تمام گهڻي ٿورائتي آهي.