اسلام آباد – 10 نومبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان شنگهائي تعاون تنظيم (ايس سي او) جي اهميت ۽ ڪاميابي ج?? لاءِ 6 نقاط?? پروگرام جي تجويز پيش ڪندي چيو آهي ته ڪورونا وائرس جي صورتحال کي منهن ڏيڻ جي لاءِ گڏيل ڪوششن جي ضرورت آهي، عالمي وبا جي تدارڪ جي لاءِ عالمي م??لياتي ادارن ۽ جي – 20 ملڪن کي اسرندڙ ملڪن جي م??د ڪرڻ گهرجي، پوري دنيا جي م??يشت سستي ج?? شڪار آهي، اظهار راءِ جي آزادي ج?? آر ۾ ڪنهن به مذهب جي توهين برداشت جوڳي نه آهي، ماحولياتي آلودگي ج?? خاتمي لاءِ پاڪستان پنهنجو ڪردار ادا ڪري رهيو آهي، افغا??ست??ن ۾ مستقل امن قائم ڪرڻ جي لاءِ سمورين ڌرين کي پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻو پوندو، گڏيل قومن کي عالمي حل طلب مسئلن جي حل لاءِ سنجيده ڪوششون ڪرڻيون پونديون. هن اهڙن خيالن جو اظهار شنگهائي تعاون تنظيم جي ملڪي سربراهن جي ڪائونسل جي اجلاس کي وڊيو لنڪ ذريعي خطاب ڪندي ڪيو.