فيصل آباد – 18 نومبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته موجوده حڪومت صنع??ي شعبي کي بجلي جي فراهمي لاءِ وڏو پيڪيج ڏنو آهي، صنعتي سرگرميون وڌنديون ته ملڪ ترقي ڪندو. صحافين سان مختصر ڳالهه ٻولهه ڪندي وزيراعظم چيو ته 60ع جي ڏهاڪي کانپوءِ پاڪستان ۾ صنعتون نه لڳيون ۽ حڪومتن صنعتي سرگرمين کي ڪڏهن فروغ نه ڏنو، اسان مشڪل حالتن ۾ سموريون س??ولتون ڏئي رهيا آهيون ته جئين صنعتي سرگرميون وڌن، ان سان ماڻهن کي روزگار ميسر ايندو ۽ آمدني ۾ به اضافو ٿيندو، ان سان اسان قرض به واپس ڪر?? سگهنداسين.