اسلام آباد – 25 نومبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته پاڪستان ??نهنجي معيشت مستحڪم ڪرڻ تي ڌيان ڏنو، اسان اقتصادي طور تي هر صحيح رخ ۾ گامزن هئاسين پر ٻين ملڪن وانگر اسان جو ملڪ ڪوويڊ – 19 کان ??تاثر ٿيو، ڪورونا سان ??عيشت متاثر ٿي ۽ اها غيرمتوقع صورتحال هئي، لاڪ ڊائونز جي صورتحال جو ان کان اڳ ڪنهن کي به تجربو نه هو. عالمي ا??تصادي فورم جي ا??تظام هيٺ ڪوويڊ – 19 کي منهن ڏيڻ ۽ معاشي بحالي جي لاءِ پاڪستان حڪومت جي قدمن جي حوالي سان ”پاڪستان اسٽريٽجي ڊائيلاگ“ کي خطاب ڪندي وزيراعظم عمران خان چيو ته اسان ڪورونا وائرس جي ڦهلاءُ کي روڪڻ، عوام کي بيماري کان تحفظ ۽ ماڻهن کي بک سان ??رڻ کان بچائڻ جي لاءِ قدم کنيا.