اسلام آباد – پهرين جنوري (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته اسمگل??گ جي ڪري معيشت کي برداشت نه ڪرڻ جوڳو نقصان پهچي رهيو آهي، اسمگلنگ ۾ ملوث عنصرن جي خلاف سخت ترين قدم کنيا وڃن. ??هڙ?? خيالن جو اظهار هن اسمگل??گ جي روڪٿام بابت قدمن تي اعليٰ سطح جي اجلاس جي ص??ارت ڪندي ڪيو، اجلاس ۾ ناڻي وارو وفاقي وزير ڊاڪٽر عبدالحفيظ شيخ، اطلاعات ۽ نشريات وارو وفاقي وزير س??ني??ر شبلي فراز، وزيراعظم جو واپار بابت صلاحڪار عبدالرزاق دائود، وزيراعظم جو خاص مددگار شهزاد اڪبر، وزيراعظم جو رو??ني?? بابت خاص مددگار ڊاڪٽر وقار مسعود خان، ڪامرس، پيٽروليم، بحري معاملن ۽ گهرو ڊويزن جي سيڪريٽرين، ايف بي آر جي چيئرمين ۽ اعليٰ سول ۽ عسڪري عملدارن شرڪت ڪئي.