اسلام آباد – 28 – ??نو??ي (اي پي پي) وفاقي حڪومت سينيٽ اليڪشن اوپن بيلٽ سان ڪرائڻ ۽ ٻٽي شهريت رکندڙ پاڪستانين کي اليڪشن وڙهڻ جي اجازت ڏيڻ جي لاءِ 1973ع جي آ??ين ۾ 3 ترميم?? جي لاءِ آئيني پئڪيج ايندڙ هفتي پارليامينٽ ۾ پيش ڪرڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي، ان آئيني ترميمن سان سينيٽ اليڪشن ۾ هارس ٽريڊنگ ۽ ووٽ?? جي خريد ۽ وڪري جو رستو سدائي?? جي لاءِ بند ٿي ويندو، پهريون ڀيرو عمران خا?? جي حڪومت ۽ پي ٽي آءِ پاران پاڪستا?? جي سموري اشرافيه جيڪا پارليامينٽ جي اند?? آهي ا?? جي لاءِ هي ٽيسٽ ڪيس کڻي وڃي رهيا آهن، ماضي ۾ سينيٽ اليڪشن ۾ ضمير وڪرو ۽ ووٽ خريد ڪيا ويندا هئا، ميثاق جمهوريت جي آرٽيڪل 23 ۾ سينيٽ اليڪشن اوپن بيلٽ ڪرائڻ جو مطالبو آهي، سينيٽ اليڪش?? جي لاءِ ووٽ خريد ڪندڙ ننڍن صوبن کانپوءِ پنجاب جي لاءِ به ريٽس ڪڍي ڇڏيا آهن، سينيٽ اليڪشن ۾ اڪثريت کانپوءِ وڌيڪ آئيني ترميمون به ڪيون وينديون. اطلاعات ۽ نشريات وارو وفاقي وزير سينيٽر شبلي فراز ۽ وزيراعظم جو پارلياماني معاملن وارو ??اص معاون ڊاڪٽر بابر اعواڻ پي آءِ ڊي ۾ گڏيل پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪري رهيا هئا.