اسلام آباد – 14 اپريل (اي پي پي) ڪابينا جي ا??تص??دي رابطا ڪميٽي (اي سي سي) ويليو ايڊڊ انڊسٽري کي ڪاٽن ۽ سوٽي ڌاڳي جي بنا رنڊڪ فراهمي ممڪن بڻائڻ لاءِ سوٽي ڌاڳي جي درآمد تي ڪسٽم ڊيوٽي واپس وٺڻ جي سمري جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي. ا??تص??دي رابطا ڪميٽي جو اجلاس ناڻي، روينيو ۽ صن??ت ۽ پيداوار واري وفاقي ??زي?? محمد حماد اظهر جي صدارت ۾ ٿيو. اجلاس ۾ منصوبابندي واري وفاقي ??زي?? اسد عمر، نجڪاري واري ??زي?? محمد ميان سومرو، بحري معاملن واري وفاقي ??زي?? علي حيدر زيدي، توانائي وارو وفاقي ??زي?? عمر ايوب خان، قومي غذائي تحفظ ۽ تحقيق وارو وفاقي ??زي?? سيد فخر امام، روينيو بابت خاص مددگار ڊاڪٽر وقار مسعود، ??جل?? بابت خاص مددگار تابش گوهر، وفاقي سيڪريٽرين، صوبائي حڪومتن جي نمائندن، سيڙپڪاري بورڊ جو چيئرمين ۽ ٻين سينئر آفيسرن شرڪت ڪئي. اسٽيٽ بئنڪ جي گورنر رضا باقر وڊيو لنڪ ذريعي اجلاس جي ڪارروائي ۾ حصو ورتو. اجلاس ۾ پاور ڊويزن پاران سرڪاري شعبي جي آر ايل اين جي جي بنياد تي هلندڙ پاور پلانٽس قائداعظم ٿرمل پاور پلانٽ، بلوڪي پاور پلانٽ ۽ حويلي بهادر شاهه پاور پلانٽ لاءِ پاور پرچيز ايگريمينٽ ۽ گئس سپلائي ايگريمينٽ ۾ 66 سيڪڙو ٽيڪ آر پي ڪمٽمنٽ جي ڇوٽ بابت سمري پيش ڪئي وئي، انهن ترميمن جي نتيجي ۾ ??جل?? ۾ خريد ۽ وڪرو ڪندڙ ماهوار پيداواري منصوبو داخل ڪرڻ جا پابند هوندا، ??جل?? جو خريدار پنهنجي ضرورتن بابت معلومات داخل ڪرائڻ جو اهل هوندو پاور پرچيز ايگريمينٽ تحت سسٽم آپريٽر ۽ آپريٽنگ ڪميٽي ان کي حتمي شڪل ڏيندي، گئس سپلائي ايگري مينٽ موجب ماهوار ڊليوري پلان کي پاور پرچيز ايگريمنٽ جي ماهوار شيڊول سان جوڙيو ويو آهي، ماهوار پيداواري منصوبو(ايم پي پي) تي ايندڙ سال کان عملدرآمد ٿيندو. ڪميٽي ان بابت لاڳايل حصيدارن جي راءِ ٻڌڻ کانپوءِ سمري جي منظوري ڏني، ڪميٽي ماهوار پيداواري منصوبي کي ساراهيو ۽ چيو ته ان سان لاڳت ۾ گهٽتائي ايندي ۽ ??جل?? ۽ گئس جي خريد ۽ فڪسڊ بدران حقيقي ضرورتن موجب خريداري ڪري سگهندا.