اسلام آباد – 11 – مئي (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته هر جڳهه مافيا ويٺل آهي جيڪا تبديلي اچڻ نه ڏئي رهي آهي، ڪرپٽ نطام مان فائدو کڻندڙ 30 سالن تائين م??ڪ کي ڦريندڙ هر قسم جا حربا استعمال ڪري رهي?? آهن، قوم منهنجو ساٿ ڏي مافيا جو مقابلو ڪري ڏيکاريندس، طاقتور کي قانون جي هيٺ آڻڻ جهاد آهي، بيشڪ منهنجي حڪومت هلي وڃي اين آر او نه ڏيندس، شهباز شريف ملڪ کان ٻاهر ڀڄڻ جي ڪوشش ڪري رهيو آهي، ناڻي واري وزير کي مهانگائي گهٽ ڪرڻ جو ٽاسڪ ڏئي ڇڏيو آهي، خطي جي ٻين م??ڪن جي ڀيٽ ۾ پاڪستان ۾ قيمتون گهٽ آهن، پاڪستان ۾ عدليه آزاد آهي، خوف ڪهڙي ڳالهه جو آهي، عدالتن ۾ اچي پنهنجي صفائي پيش ڪن، اين آر او جي انتظار ۾ ٻاهر وڃي ڇو ويٺ?? آهن، آبادگار خوشحال ٿي وي?? آهن، زرعي سڌارا آڻي رهي?? آهيون، آبادگار ڪارڊ متعارف ڪرائي رهي?? آهيون، صحت ڪارڊ سان م??ڪ ۾ انقلاب ايندو. اهڙن خيالن جو اظهار هن پي ٽي وي تي ”توهان جو وزيراعظم توهان سان گڏ“ پروگرام ۾ عوام جي سڌوسنئون سوالن جا جواب ڏيندي ڪيو. وزيراعظم عمران خان چيو ته ڪورونا جي پهرين ۽ ٻي لهر ۾ قوم تعاون ڪيو ۽ ٽئين لهر ۾ به الله جي فضل ۽ ڪرم ۽ خوشقسمتي سان خطي جي ٻين م??ڪن جي ڀيٽ ۾ اسان جي صورتحال تمام بهتر آهي، ڀارت ۾ ڪورونا سان پيدا ٿيندڙ صورتحال جي ڪري 22 ڪروڙ ماڻهو غربت جي لڪير هيٺ هلي وي?? آهن پر پاڪستان ۾ الحمدالله ڀارت، بنگلاديش، نيپال ۽ ايران سميت خطي جي ٻين م??ڪن جي ڀيٽ ۾ صورتحال بهتر آهي. وزيراعظم قوم کي تاڪيد ڪئي ته اها عيد جي موڪلن دوران خاص طور تي احتياط کان ڪم وٺي ۽ پنهنجو ۽ پنهنجي بزرگن جو خيال رکن ??و ته اسان جيترو وڌيڪ احتياط ڪنداسين ايترو جلد ان وبا تي ضابطو آڻي وٺنداسين.