اسلام آباد – 21 – مئي (اي پي پي) سينيٽ چيئرم??ن محمد صادق سنجراڻي چيو آهي ته عالمي برادري فلسط??ن مسئلي جي ??ام?? ۽ منصفاڻي حل لاءِ قدم کڻي، فلسط??ن مسئلي جو حل خطي ۽ دنيا جي مفاد ۾ آهي. سينيٽ چيئرمين سينيٽرز جي وفد سان فلسطين جي سفارتخاني ويو ۽ فلسطين جي عوام سان يڪجهتي جو اظهار ڪيو. سينيٽ چيئرمين چيو ته خالي هٿين فلسطينن تي قابض اسرائيلي فورسز جي جارحيت جي شديد م??مت ڪريون ٿا، معصوم فلسطينن تي اسرائيلي فورسز جا حملا، غير قانوني آبادي ڪاري ۽ قبضو، فلسطينين جي زبردستي بي دخلي انساني حقن ۽ عالمي قانون جي سنگين خلاف ورزي آهي. سينيٽ چيئرمين چيو ته فلسطين جو مسئلو وچ اوڀر جي مسئلن جي جڙ آهي، فلسين جي مسئلي جو حل سڄي دنيا ۽ ??اص طور تي خطي جي امن لاءِ اڻٽر آهي، انساني حقن جي علمبردار تنظيمون ۽ گڏيل قومن جي سلاتي ڪائونسل فلسطين جي مسئلي کي سنجيده وٺندي جلد کان جلد بهتري لاءِ قدم کڻن. هن چيو ته عالمي برادري جيترو جلد ٿي سگهي فلسط??ن مسئلي جي ??ام?? ۽ منصفاڻي حل لاءِ قدم کڻي. فلسط??ن مسئلي جو حل فلسطينن، خطي ۽ دنيا جي مفاد ۾ آهي، هن چيو ته اسان اڄوڪي ڏينهن فلسطيني ڀائرن کي اهو پيغام ڏيون ٿا ته آزمائش جي هر گهڙي ۾ پوري پاڪستاني قوم انهن سان گڏ بيٺل آهي، پوري ملڪ ۾ يوم يڪجهتي فلسطين ڀرپور طريقي سان ملهايو پيو وڃي.