اسلام آباد – 21 جون (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري مملڪتي وزير فرخ حبيب چيو آهي ته بلاول صاحب، وفاق سنڌ حڪومت کي هيست??ئي?? اين ايف سي جي مد ۾ 1900 ارب کان وڌيڪ ڏئي چڪو آ??ي، ٻڌايو اهو پئسو ڪٿي خرچ ٿيو؟ توهان سنڌ حڪوم?? جي غفلت ۽ لاپرواهي تي سنڌ جي عوام کان ڪڏهن معافي گهري رهيا آهيو؟ سنڌ جي عوام پيپلزپارٽي کي جيڪو مينڊيٽ ڏنو اهو پورو ڪرڻ ۾ بري طرح ناڪام ر??ي، سنڌ ۾ ڪرپشن سان گڏوگڏ صلاحي?? جي به کوٽ آ??ي، 59 سيڪڙو ترقياتي بجيٽ استعمال نه ٿي سگ??ي، صوبائي حڪومت هدف موجب 53 سيڪڙو روينيو به جمع نه ڪري سگهي ان کانپوءِ ??ه حڪومت ڪرڻ جو ڪو جواز بچي ٿو؟ پيپلزپارٽي جو چونڊ نشان ڪرپشن هجڻ گهرجي ڇو ته هو ان کانسواءِ ڪجهه ڪرڻ جي قابل ئي نه آهي. بلاول زرداري جي بيان تي رد عمل ۽ پنهنجي ٽوئيٽ ۾ مملڪتي وزير فرخ حبيب چيو ته بلاول همت ڪري ۽ سنڌ جي عوام کي ٻڌائي وفاقي حڪومت پاران اين ايف سي جي مد ۾ سنڌ حڪومت کي جاري ٿيندڙ 1900 ارب روپيا ڪٿي خرچ ڪيا آهن.