اسلام آباد – 30 جولاءِ (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وف??قي وزير چوڌري فواد حسين چيو آهي ته سنڌ حڪومت جي لاڪ ڊائون جي فيصلي جو غور سان جائزو وٺي رهيا آهيون، وزيراعظم جي پاليسي بلڪل واضح آهي ته اسان هر ??هڙي قدم جي خلاف هونداسين جنهن سان عام ماڻهو جي معيشت شديد متاثر ٿئي. پنهنجي ٽوئيٽ ۾ هن چيو ته اين سي او سي ۽ سنڌ حڪومت ان ڏس ۾ اهڙو لا??حه عمل جوڙي ته عام ماڻهو جو روزگار ۽ ڪاروبار گهٽ کان گهٽ متاثر ٿئي.