اسلام آباد – 26 آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان سان روم ۾ قائم گڏيل قومن جي خوراڪ واري ??المي اداري ??ي ايگزيڪيٽو ڊائريڪٽر ڊيوڊ ايم بيسلي خميس ڏينهن ملاقات ڪئي. وزيراعظم آفيس مان جاري ??يان موجب وزيراعظم خوراڪ واري ??المي اداري ??ي ان ڪردار جي واکاڻ ڪئي جيڪو هو هنگامي حالتن ۾ عالمي انساني همدردي جي ادارن کي خوراڪ جي مدد فراهم ڪرڻ ۽ سڄي دنيا ۾ مختلف ملڪن ۾ خوراڪ ۽ غذائي صورتحال کي بهتر ڪرڻ لاءِ ڪري ??هيو آهي. وزيراعظم چيو ته پاڪستان پاڻ وٽ هتي هلندڙ خوراڪ واري ??المي اداري ??ي مختلف منصوبن مان مستفيد ٿيندو رهيو آهي، هن چيو ته پاڪستان خوراڪ واري ??المي اداري ??ان حصيداري ??ي قدر ڪري ٿو. وزيراعظم ۽ خوراڪ واري ??المي اداري ??ي ايگزيڪيٽو ڊائريڪٽر جي وچ ۾ ملاقات ۾ افغانستان ۾ پيدا ٿيندڙ صورتحال تي به خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي، وزيراعظم افغانستان ۾ جامع حڪومت جي جوڙجڪ جي ضرورت تي زور ڏيندي چيو ته عالمي برادري کي افغانستان سان مثبت لاڳاپا قائم ڪرڻ گهرجن جنهن جي نتيجي ۾ افغانستان ۾ ڪنهن به انساني الميي کان بچي سگهجي ٿو ۽ ملڪ ۾ امن ۽ استحڪام کي يقيني بڻائي سگهجي ٿو، خوراڪ واري ??المي اداري ??ي ايگزيڪيٽو ڊائريڪٽر گڏيل قومن جي ورلڊ فوڊ پروگرام پاران افغانستان ۾ خوراڪ جي مدد لاءِ پاڪستان جي سهولتي ڪردار تي ٿورن جو اظهار ڪيو. هن افغانستان جي عوام کي انساني همدردي تحت مدد جاري ??کڻ جي طريقن ت?? وزيراعظم سان خيالن جي ڏي وٺ ڪئي.