اسلام آباد – 07 – سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته ڪراچي ۾ ر??زگ??ر جي لاءِ پورهيتن ۽ افرادي قوت جي صنع??ن تائين آسان پهچ حڪومت جي اولين ترجيحن مان هڪ آهي. وزيراعظم ميڊيا آفيس پاران جاري بيان موجب وزيراعظم سان منصوبابندي ۽ ترقي واري وفاقي وزير اسد عمر ملاقات ڪئي. وزيراعظم کي ڪراچي جي ترقي جي لاءِ جاري مختلف منصوبن تي اڳڀرائي کان آگاهه ڪ??و ويو. وزيراعظم کي ٻڌا??و ويو ته ڪراچي سرڪلر ريلوي شروع ڪرڻ جي منظوري جو عمل جلد مڪمل ڪ??و ويندو. وزيراعظم چيو ته وفاقي حڪومت پاران جي سڀ کان وڏي شهر ۾ ماڻهن کي ٽرانسپورٽ جي سهولتن جي فراهمي يقيني بڻائيندي، ماضي ۾ حڪومتون ملڪ جي اقتصادي مرڪز ڪراچي کي نظرانداز ڪنديون رهيون. وزيراعظم چيو ته ڪراچي ۾ ر??زگ??ر جي لاءِ پورهيتن ۽ افرادي قوت جي صنع??ن تائين آسان پهچ حڪومت جي اولين ترجيحن مان هڪ آهي.