اسلام آباد – 06 – آڪٽوبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين چيو آهي ته پاڪستان سائنس فائونڊيشن اڄ هڪ اهڙي پروگرام جو آغاز ڪرڻ وڃي رهي آهي جيڪو منهنجي منظر ۾ گ??م چينجر هوندو.
پنهنجي ٽوئيٽ ۾ هن چيو ته 450 گورنمينٽ اسڪولن کي STEM (سائنس، ٽيڪنالاجي، انجنيئرنگ ۽ ميٿس) اسڪولن ۾ تبديل ڪرڻ جو منصوبو مون انهن لاءِ ڊزائين ڪيو ته جيستائين سرڪاري اسڪول ماڊرن نه ٿيندا ملڪ بدلجي نه سگهجندو،
اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته مون کي تمام گهڻي خوشي آهي ته دير جي باوجود اهو منصوبو اڄ حقيقت بڻجڻ وڃي رهيو آهي. انشاءُ الله شروعا??ي 450 اسڪولن کانپوءِ وڌ کان وڌ اسڪ??ل ان ماڊل تي اچي ويندا. يونيورسٽين کي چيو ويو آهي ته هو اسڪ??ل ايڊاپٽ ڪن ۽ سائنس جي تعليم جو معيار اسڪول ليول تي بهتر ڪن.