اسلام آباد – 06 جنوري (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته ايڪوٽورازم جي ذريعي مقامي ماڻهن کي روزگار جي فراهمي ۽ سياحتي ماڳن جي قدرتي حسن جو تحفظ حڪومت جي اولين ترجيحن ۾ شامل آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ مان جاري بيان موجب اهڙن خيالن جو اظهار هن آزاد ڄمون ۽ ڪشمير جي وزيراعظم سردار عبدالقيوم نيازي س??ن ڳالهائيندي ڪيو جنهن ساڻس ملا??ات ڪئي. ملا??ات ۾ آزاد ڪشمير ۾ بلدياتي چونڊون هلندڙ سال جي وچ ڌاري منعقد ڪرڻ کانسواءِ آزاد ڪشمير ۾ سياحت جي فروغ ??ي منصوبن جي حوالي س??ن ڳالهه ٻولهه ڪئي وئي. ملا??ات ۾ وزيراعظم چيو ته حڪومت آزاد ڪشمير ، اترين علائقن ۽ گلگت بلتستان ۾ سياحت جي شعبي جي بي پناهه صلاحيتن مان ڀرپور فائدو کڻ?? لاءِ قدم کڻي رهي آهي. ايڪو ٽور ازم جي ذريعي مقامي ماڻهن کي روزگار جي فراهمي ۽ سياحتي ماڳن جي قدرتي حسن جو تحفظ حڪومت جي اولين ترجيحن ۾ شامل آهي.