اسلام آباد – 03 فيبروري (اي پي پي) پرڏيهي آفيس سفير م??عود ??ان بابت ڀارتي ميڊيا جي بي بنياد ۽ من گهڙت پروپيگنڊا کي رد ڪندي چيو آهي ته مسعود ??ان هڪ تجربيڪار ۽ سينئر سفارتڪار آهي، ڪشمير ميڊيا سروس موجب پرڏيهي آفيس جي ترجمان عاصم افتخار سردار م??عود ??ان جي آمريڪا ۾ پاڪستاني سفير جي طور مقرري ۾ دير جي حوالي سان ڀ??رت جي ڪڌي پروپيگنڊا کي رد ڪندي چيو آهي ته اهو معاملو آمريڪي انتظاميه سان اڳتي وڌي رهيو آهي ان سلسلي ۾ ڀارتي ميڊيا رپورٽس پاڪستان کي بدنام ڪرڻ جي ڀارتي مهم جو حصو آهن، مسعود ??ان جي آمريڪا ۾ بطور سفير مقرري تي ڀارتي ميڊيا جي دعوائون جو حوالو ڏيندي هن چيو ته ڀارتي ميڊيا رپورٽس، جعلي خبرن ۽ اسڪينڊل تي ٻڌل دعوائن ۽ بي بنياد الزامن جي ذريعي پاڪستان ۽ پاڪستان جي نمائندگي ڪندڙن کي بدنام ڪرڻ جي مهم جو حصو آهن. عاصم افتخار چيو ته سفير م??عود ??ان انتهائي باصلاحيت سفارتڪار آهي ۽ هن کي گهڻ رخي ۽ ٻطرفي سفارتڪاري جو 40 سالن جو تجربو حاصل آهي، واضح رهي ته سردار م??عود ??ان سفارتي خدمتن تان رٽ??ئرمينٽ کانپوءِ آزاد ڪشمير جي صدر جي طور تي به خدمتون سرانجام ڏئي چڪو آهي ۽ ??و ڀارت سان پراڻي تڪرار ڪشمير تي پاڪستان جو موقف اجاگر ڪندو رهندو آهي.